لاهور(بيورو+م ڊ) رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته تازي دوري کانپوءِ چين سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن ۽ چيني صدر چيو ته اسان اسٽريٽيجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ چاهيون ٿا پر هڪ سياسي جماعت ڪجهه ڏينهن کان پاڪ _ چين لاڳاپن تي پروپئگنڊا ڪري رهي آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته مخالفن کي دٻاء ۾ آڻڻ لاءِ ٽرولنگ شروع ڪئي ويندي آهي، تنقيد ڪندڙن کي ٽرولنگ ذريعي هراسان ڪيو ويندو آهي، اسان حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ رهياسين پر ڪڏهن رياستي ادارن کي تنقيد جو نشانو نه بڻايو، ادارن کي ڪمزور ڪنداسين ته رياست جي بقا لاءِ ٻاهر کان ڪا ضمانت نٿا آڻي سگهون.هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن تي ٽرولنگ شروع ڪئي وئي آهي، تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڄڻ پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گهٽجي ويا آهن، پهريون ڀيرو ٻئي ملڪ اسپيس جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌائي رهيا آهن، ماڻهو چين سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو تاثر ڏئي رهيا آهن پر چين سان اسان جو سهڪار هماليا کان به بلند ٿي چڪو آهي.احسن اقبال چيو پاڻ ۾ اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ان جو مطلب اهو ناهي ته رياست جي مفاد سان کيڏو، رياست جي مفادن سان کيڏندئو ته سختي سان منهن ڏينداسين، اسان جي مفادن جو دفاع ڪرڻ اسان جو فرض آهي.وفاقي وزير چيو ته هڪ سياسي جماعت سوشل ميڊيا تي پنهنجي گھناؤني سازش ذريعي پاڪ چين لاڳاپا خراب ڪرڻ ۾ مصروف آهي.احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ کي پنهنجي سياست تبديل ڪرڻي آهي، پاڪ چين لاڳاپا رياستي مفادن جو معاملو آهي.عمران خان جيل ۾ آهي اسان کيس جيل ۾ نه وڌو، هو پنهنجي ڪرتوتن سبب جيل ۾ آهي،هن چيو ته توشه خاني جا تحفا وڪڻڻ جو ڪنهن چيو؟ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ سمورن دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿيا.هن چيو ته مس انفارميشن فساد پکيڙڻ جو هٿيار بڻجي ويو آهي، راءِ جي آزادي جو مقصد انتشار پکيڙڻ ناهي، عوام ووٽ ڏنو آهي ته اسيمبلي ۾ اچي سياست ڪريو،هن چيو ته چين جي تازي دوري کانپوءِ چين سان لاڳاپا وڌيا آهن ۽ چيني صدر چيو ته اسٽريٽجڪ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ڪرڻ چاهيون ٿا پر هڪ سياسي پارٽي گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪ چين لاڳاپن بابت پروپيگنڊا ڪري رهي آهي.هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي چين سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جو پروپئگنڊا ڪري رهي آهي چين سان تعاون هماليه کان به بلند ٿي چڪو آهي.اها دشمن جي پروپيگنڊا آهي ته چين سان لاڳاپا خراب ٿي ويا آهن، هي پارٽي چين سان لاڳاپن تي مخصوص ايجنڊا اختيار ڪري رهي آهي، احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ سميت ڪنهن کي به افراتفري پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ٻئي پاسي پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته ڀارت کي پاڪ چين پڌرنامي ۾ ڪشمير جي حوالي سان اعتراض جو حق ناهي،سي پيڪ جي حوالي سان ڀارت عالمي برادري کي گمراهه نه ڪري،ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي.