ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان سميت اڄ آمريڪا، برطانيه، يورپ ۽ ڪينيڊا ۾ مسلمان ڪميونٽي جا ماڻهو به عيد ملهائيندا، ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ملتان، پشاور، ڪوئٽا سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ عيد نماز جي وڏن اجتماعن جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هزارن جي انگ ۾ عوام عيد جي نماز اد اڪندا ۽ مسلمانن جي خوشحالي توڙي ملڪ لاءِ دعائون ڪيون وينديون. عيد جي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ مسلمانن سنت ابراهيمي کي زنده ڪندي جانورن جي قرباني ڪندا.