پي ٽي آءِ پاران آمريڪا ۾ پاڪستان ۽ فوج تي پابندين لاءِ مهم،ڀارتي لابنگ ڪندڙن سان رابطا

لاهور(معظم فخر)پي ٽي آءِ جي ڀارت سان لاڳاپن جو هڪ ٻيو ثبوت سامهون اچي ويو، پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي ٽوئيٽر(ايڪس) اڪائونٽ تان بيان جاري ڪيو آهي ته اهي ڀارتي ڪانگريس مين جي مدد  سان اهي رياست پاڪستان تي پابنديون مڙهڻ لاءِ متحرڪ ٿي چڪا آهن ۽ پاڪستان تي پابندين لاءِ هڪ بل آمريڪي ڪانگريس ۾ جمع ڪرايو ويو آهي،ڀارت ڄائي آمريڪي ڪانگريس ميمبر راهل کنا جي آمريڪا ۾ موجود پي ٽي آءِ جي انتشاري ٽولي سان دوستي آهي جيڪو رياست پاڪستان ۽ فوج خلاف پروپيگنڊا ۾ تيزي ڏيکاري رهيو آهي،راهل کنا پاران  ترميم جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، بل ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ شهري آزادين تي پابنديون مڙهيل آهن ۽ ميگنٽس ڪاءِ ايڪٽ تحت آمريڪي شهرين جي حقن جو تحفظ لازمي آهي، ان بل ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير کي هڪ فوجي طالع آزما قرار ڏياري هن تي به پابنديون مڙهڻ جو پلان رٿيو ويو آهي،پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم جي سربراهن جبران الياس ۽ اظهر مشواني جي اڪائونٽ تان آمريڪي ڪانگريس ميمبر جي وڊيو بيان کي به پوسٽ جو حصو بڻايو ويو آهي جنهن ۾ راهل کنا چئي رهيو آهي ته پاڪستان جو فوجي سربراهه جنرل عاصم منير جمهوريت حامي آمريڪي شهريت رکندڙ پاڪستانين کي نشانو بڻائي رهيو آهي جنهن ۾ هن جبران الياس جي ڪامونڪي ۾ ٻن ڀائرن ۽ شهباز گل جي ڀاءُ کي لاهور مان کنڀڻ جو حوالو به ڏنو ويو آهي، راهل کنا وڊيو ۾ آمريڪي انتظاميا کان اپيل ڪئي ته فوجي حڪمران جنرل عاصم منير تي پابنديون مڙهيون وڃن،ذريعن موجب پي ٽي آءِ ميگنز ڪاءِ ايڪٽ تحت پاڪستان تي پابنديون لاڳو ڪرائڻ لاءِ ڪيترن ئي ڀارت ڄاول آمريڪين سان لابنگ لاءِ رابطا ڪيا آهن، پاڪستان جي فوج کي آمريڪا پاران سيڪيورٽي سهڪار ۽ پاڪستان سان واپار تي به پابندين جو مطالبو ڪيو پيو وڃي،پي ٽي آءِ جي ڪوشش آهي ته آمريڪا پاڪستان کي مڪمل جمهوريت ۽ نين شفاف چونڊن لاءِ مجبور ڪري،عدليه ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ختم ڪئي وڃي،پي ٽي آءِ حامي وجاهت ايس خان پنهنجي وي لاگ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف آمريڪي سفارتڪار ڊونلڊ لو سان رابطو ڪيو آهي ۽ کيس چيو آهي ته ٻن مهينن جو وقت ڏيو ته مان اهو گند صاف ڪري ڇڏيندس ان جو مطلب ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ پي ٽي آءِ خلاف شديد قسم جو ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.