سنڌ جو ناليوارو صحافي اسحاق مڱريو هميشه لاءِ وڇڙي ويو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جو ناميارو صحافي ۽ ليکڪ حيدرآباد پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر اسحاق مڱريو 66 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، نامياري صحافي اسحاق مڱرئي جي وڇوڙي جي خبر ٻڌندي ئي صحافين  توڙي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي، اسحاق مڱريو گذريل ڪجهه مهينن کان گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا هو، مختلف اسپتالن مان سندس علاج ٿيندو رهيو، پر سندس صحت ۾ سڌارو نه اچڻ ڪري کيس ڪراچي جي ڊائو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي ڪالهه علاج دوران سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ هو پنهنجن گهرڀاتين، دوستن ۽ مٽن مائٽن کان سدائين لاءِ موڪلاڻي ڪري ويو، اسحاق مڱرئي جو مڙهه ڪراچي کان سانگهڙ لڳ سندس اباڻي ڳوٺ گل حسن سريوال نيو ويو، جتي رات دير سان جنازي نماز بعد کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين، سندس دوستن، مٽن مائٽن شرڪت ڪئي. صحافي اسحاق مڱريو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ 6 جولاءِ 1955ع تي محمد صالح مڱريي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري انٽر سانگهڙ ڊگري ڪاليج ۽ بعد ۾ گريجوئيشن ڪئي، صحافي اسحاق مڱريو جو خاندان حر جماعت سان تعلق رکندڙ آهي، پر اسحاق مڱريو پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ شاگرد سياست قومپرست تنظيمن جي پليٽ فارم تان ڪئي، ان کانپوءِ هن ترقي پسند سياست ۾ به حصو ورتو. صحافت ڏانهن سندس ڌيان ويو ته هن 1992ع ۾ سانگهڙ ۾ صحافت شروع ڪئي، 1995ع کانپوءِ هو حيدرآباد ۾ اچي ويو ۽ مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن ۾ صحافتي ذميواريون نڀايون، هو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر پڻ رهيو.نامياري صحافي اسحاق مڱريو جي جنازي نماز ۾ حيدرآباد پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون، خالد کوکر، اقبال ملاح، پروفيسر امداد چانڊيو، سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي، امداد سومرو، سارنگ ڄام، مهيش ڪمار ۽ حسيب لطيفي سميت صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

  1. اسحاق مڱرئي جون  خدمتون هميشه ياد رهنديون: زين شاهه

ڪراچي (پ ر) ايس يوپي صدر سيد زين شاهه سينيئر صحافي اسحاق منڱريو جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، پنهنجي هڪ  تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته اسحاق مڱريو جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي کيس تمام گهڻو صدمو پهتو آهي ۽ ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. هن مرحوم جي صحافتي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مرحوم اسحاق منڱريو جون صحافتي ميدان ۾ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. اسحاق منڱريو پنهنجي زندگي صحافت ۽ سنڌ جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي، سندس تجزيا هميشه معلوماتي ۽ بصيرت رکندڙ هئا.هن پنهنجي ڪم ذريعي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته اسحاق منڱريو جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي لاءِ هڪ ناقابل برداشت نقصان آهي ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ خال جلد ڀرجي نه سگهندو.

  1. اسحاق مڱريي ماحولياتي صحافت جو رواج وڌو: شفيع محمد چانڊيو

حيدرآباد: سنڌ فرنڊس آرگنائزيشن جي اڳواڻن نامياري اديب شفيع محمد چانڊيو، ڊاڪٽر ڀائي  خان سولنگي، ڄام نظام، منير ڀيلار، عاشق سولنگي، لطيف ملاح، ايڊووڪيٽ سليمان ڏاهري، سليمان لاشاري، سائين بخش حاجاڻو ۽ ٻين نامياري صحافي اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسحاق مڱريو جاکوڙي صحافي هو، هن سنڌ جي اهم مسئلن ۽ موضوعن تي بهادري ۽ سچائي سان لکيو، هن ماحولياتي صحافت جو رواج وڌو، ڪيترائي سال اڳ هن ماحوليات تي لکڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهن کي ماحولياتي تبديلين کان آگاهه ڪيو.

  1. اسحاق مڱريي حر تحريڪ، تاريخي ماڳن کي نئين انداز سان رپورٽ ڪيو

حيدرآباد: نامياري صحافي اسحاق مڱرئي حر  تحريڪ، لوڪ وزڊم جي موضوع اينٿراپالاجي، جهنگلي جيوت، ثقافتي ميلن کان ويندي سنڌ جي اهم ڪردارن جي زندگيءَ ۽ تاريخ کي پنهنجي قلم وسيلي عام ماڻهن تائين پهچايو، هن سنڌ جي تاريخي ماڳن کي نئين انداز سان رپورٽ ڪيو ۽ انهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.

  1. اسحاق مڱريو تحقيقي صحافت جو هڪ وڏو نالو

حيدرآباد: ناميارو صحافي اسحاق مڱريو انهن ٿورن سنڌي صحافين مان هو جن تحقيقي صحافت کي هٿي ڏني، هن ماحولياتي  صحافت کي متعارف ڪرايو ۽ ماحوليات جي تناظر ۾ ڊيلٽا، سنڌو درياهه، منڇر ۽ مٺن پاڻن تي ڪيتريون ئي شاهڪار اسٽوريون، ڪالم ۽ فيچر لکيا، هو عالمي ماحولياتي تنظيمن آءِ يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف ۽ يو اين ڊي پي جي ڪيترن ئي ماحولياتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو.

  1. اسحاق مڱريو ترقي پسند قافلي جو جاکوڙي صحافي هو: ڊاڪٽر جعفر احمد

ڪراچي (پ ر) انجمن ترقي پسند مصنفين جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري پروفيسر  ڊاڪٽر سيد جعفر احمد پاران نامياري ترقي پسند صحافي ۽ اديب اسحاق مڱرئي جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن تعزيتي بيان  ۾ چيو ته اسحاق مڱريون ترقي پسند قافلي جو جاکوڙي صحافي هو. سندس وڇوڙي سان سنڌ ۾ ترقي پسند صحافت کي نقصان پهتو آهي. انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي جوائنٽ سيڪرٽري سجاد ظهير چيو ته هو انهن ٿورن سنڌ جي صحافين مان هو جن تحقيقي صحافت جو رواج وڌو. هن ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو، عوامي مسئلن ۽ موضوعن تي رپورٽون، مضمون ۽ فيچر لکيا. اسحاق مڱريو ترقي پسند فڪر سان لاڳاپيل هو، جنهن هميشه صحافت ۾ پورهيتن ۽ مزدورن جي لاءَ نه رڳو لکيو پر عملي بنيادن تي انهن لاءِ آواز پڻ بلند ڪيو.

  1. اسحاق مڱريو ڪالم نگار ۽ فيچر رائيٽر طور به مشهور

حيدرآباد: ناميارو صحافي اسحاق مڱريو ڪالم نگار ۽ فيچر رائيٽر طور به مشهور هو، هن جا ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ مئگزينن ۾ ڇپجندا رهيا، صحافي اسحاق مڱرئي ڪيترن ئي سياسي، سماجي شخصيتن کانسواءِ اهڙن ڪردارن جا به انٽرويو ڪيا، جن کي عام طور ميڊيا تي ايتري جڳهه ناهي ملندي، هو وڏين سنڌي اخبارن سان واڳيل رهيو، سنڌي صحافت ۾ اهو انويسٽيگيٽو جرنلسٽ طور سڃاتو ويندو هو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.