ملڪي سلامتيءَ لاءِ پيارن کان پري عيد ملهائڻ تي فخر آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته چونڊن بعد ڀارت پاڪستان خلاف پروپيگينڊا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير حاجي پير سيڪٽر لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي سندس استقبال ڪيو.
آرمي چيف اڳئين مورچي تي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ عيد جي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتيءَ ۽ خوشحاليءَ جي دعا ڪئي وئي ۽ آرمي چيف شهيدن جي قربانين تي کين ڀيٽا پيش ڪئي.
آرمي چيف جو چوڻ هو ته اسان کي بطور سپاهي ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ پنهنجي پيارن ۽ گهرن کان پري عيد ملهائڻ تي فخر آهي.
آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير والاريل ڪشمير جي مامري تي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي، آرمي چيف ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي مذمت به ڪئي.
ISPR Pakistan EidulAdha

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.