سڄي ملڪ ۾ عيد الضحيٰ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي،سنت ابراهيمي تحت قرباني جو سلسلو جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ عيد الضحيٰ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، ان موقعي تي سنت ابراهيمي تحت جانورن جي قرباني جو سلسلو به جاري آهي.
ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا، ڪراچي جي پولو گرائونڊ سميت ٻين جڳهن تي وڏا اجتماع ٿيا، پولو گرائونڊ ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي،يو اي اي،انڊونيشيا سميت ٻين ملڪن جي سفارتڪارن عيد جي نماز ادا ڪئي.
وزير اعظم شهباز شريف لاهور جي ماڊل ٽائون ۾ عيد جي نماز پڙهي، شهباز شريف عيد نماز بعد ملڪتي سلامتيءَ ۽ استحڪام، فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي مسلمانن لاءِ به خصوصي دعا ڪئي.
ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي آباڻي علائقي ڊيرا اسماعيل خان نماز پڙهي ۽ غزه جي مسلمانن لاءِ خصوصي دعائون ڪيون.
عيدالضحيٰ جي نماز بعد سڄي ملڪ ۾ سنت ابراهيمي تحت جانورن جي قرباني ڪئي پئي وڃي.
عيد جي موقعي تي صدر آصف زرداري، وزير اعظم شهباز شريف ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن قوم کي عيد جون واڌايون ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.