عيد ڏهاڙي قوم ضرورتمندن جي مدد ڪري:صدر آصف زرداري

نوابشاهه(ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداري زرداري هائوس ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن صدر سان گڏجي نماز ادا ڪئي.
صدر آصف علي زرداري عيدالضحيٰ جي موقعي تي قوم کي عيد جون واڌايون ڏيندي چيو ته عيد جي پرمسرت موقعي تي ضرورتمند کي ياد ڪندي مدد ڪئي وڃي.
الله تعاليٰ محمد صه جي امت تي قرباني جي عمل کي لازم قرار ڏنو آهي، نبي ڪريم صه فرمايو هو ته الله جي ويجهو سڀ کان عظيم ڏينهن قرباني جو آهي.
صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته آزمائش ۽ امتحان جي صورتحال ۾ ثابت قدم رهڻ گهرجي، الله جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪاميابي جي ڪنجي آهي.
President AsifZardari EidulAdha

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.