عيدالاضحيٰ: ٽماٽن سميت ڀاڄين جا اگهه وڌي ويا

ڪراچي (رپورٽر) عيدالاضحيٰ ايندي ئي منافعي خورن جي چاندي ٿي وئي آهي. سنت ابراهيمي کي پورو ڪرڻ ۽ عيد جي دعوتن جو اهتمام  ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن. عيدالاضحيٰ جي ويجهو ايندي ئي منافعي خورن جي چاندي ٿي وئي ۽ عيد جي کاڌن جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ هر شيءَ مهانگي ڪئي وئي آهي. عيد جي موقعي تي ڇريون، چاقو تيز ڪندڙن جو ڪاروبار به چمڪي اٿيو آهي، ڪوئلي ۽ سگرين جي به خريداري جو سلسلو جاري آهي. منافعي خورن ڪراچي ۾ ٽماٽن جي قيمت ۾ هڪ ڏينهن دوران 140 روپين جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن شهرين کي ڪاوڙ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.