سرڪاري آفيسن ۾ اي سسٽم ۽ گورننس ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته  وفاقي وزارتن ۽ کاتن ۾ اي-آفيس سسٽم استعمال ڪرڻ جو بنيادي مقصد عوام کي بهتر خدمتون فراهم ڪرڻ ۽ گورننس ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ آهي. اهڙو اظهار هن وفاقي وزارتن ۽ کاتن جي اي-آفيس منتقلي بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان سسٽم سان قومي خزاني کي اربين رپين جي بچت ٿي سگهي ٿي ۽ ڪاغذ جي گهٽ استعمال سان ماحوليات تي به هاڪاري اثر پوندا. هن اي آفيس سسٽم کي سولو بڻائڻ ۽ سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. هن چيني ڪمپني هواوي سان ان سلسلي ۾ ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي اجلاس ۾ شريڪ آفيسرن وزيراعظم کي ان ڏس ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شيزه فاطمه ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسن افضل ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.