خيرپور ۾ ڪوچ ۽ مزدا ۾ٽڪر، 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، 7 زخمي

خيرپور /گمبٽ (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو+ ن ع آ) خيرپور ڀرسان اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ سيال موري پل وٽ تيز رفتار مسافر ڪوچ جو مزدا کي پويان ٽڪر لڳو، جنهن جي نتجي ۾ مزدا ڪلٽي ٿي وئي، نتيجي ۾  4 مسافر فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فوتي جي لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو ۽ ٻُڌايو پيو وڃي ته حادثو ڪراسنگ ڪرڻ دوران پيش آيو، زخمين ۾ ذوالفقار علي ميتلو، عبدالستار ميتلو، شاهنواز ميتلو، عبدالمجيد ميتلو، وحيد علي ملڪ، عمران علي سومرو ۽ فاروق ميتلو شامل آهن جڏهن ته فوتين ۾ امجد ميتلو، ذيشان سومرو، عبدالغفار ميتلو ۽ مزدا ڊرائيور سھيل سومرو شامل آھن، ھوڏانھن ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿي ويل مال جا واپاري هئا جيڪي ڪراچي مال پڙي ۾ مال کپائي واپس ڳوٺ اچي رهيا هئا ته اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ حادثو پيش آيو، پوليس ڊرائيور ۽ ڪوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.ھوڏانھن لاش  پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.