واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ انٽوني بلنڪن چيو ته هن ڀيري عيد اهڙي وقت ۾ آئي آهي، جڏهن ڪيترائي مسلمان اذيت ۾ مبتلا آهن، اسان جبر ۽ تڪرارن کي منهن ڏيندڙن سان گڏ آهيون. هن چيو ته اسان اسلامو فوبيا ۽ نفرت تي ٻڌل تشدد کي منهن ڏيندڙن سان به گڏ آهيون، اسان دنيا کي بهتر بڻائڻ لاءِ آمريڪي مسلم قيادت ۽ سڄي دنيا جي مسلم ڪميونٽيز جي خدمتن کي ساراهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان پرامن مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ جو عهدو ڪيون ٿا.
-
والاريل ڪشمير کي ڀارت جو حصو نه مڃڻ تي ارونڌتي راءِ خلاف دهشتگردي جو ڪيس
نئين دهلي (م ڊ) والاريل ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ حصو مڃڻ کان انڪار تي جڳ مشهور ڀارتي ليکڪه ارونڌتي راءِ تي ڀارت ۾ دهشتگردي روڪ قانونن تحت ڪيس هلايو ويندو. ارونڌتي راءِ 2010 ۾ نئين دهلي ۾ ڪشمير بابت رٿيل تقريب ۾ چيو هو ته ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو اڻٽٽ حصو ناهي رهيو، ڀارتي فوج ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪيو ۽ ڪشمير جي آزادي جي هر ممڪن ڪوشش ٿيڻ گهرجي.مودي حڪومت جي تڪراري دهشتگردي روڪ قانون ۾ شڪي فرد کي الزام لاڳو ڪرڻ کانپوءِ 180 ڏينهن قيد ۾ رکي سگهجي ٿو.بڪر پرائز جو اعزاز حاصل ڪندڙ 62 ورهين جي ڀارتي ليکڪه ڀارت ۾ اقليتن خلاف امتيازي پاليسين، قانونن ۽ معاشي اڻ برابري خلاف مودي حڪومت جي سخت ناقد رهي آهي.
-
اسرائيلي فوج جي حملن ۽ تشدد باوجود 40 هزار فلسطيني مسجد اقصي’ ۾ عيد نماز پڙهڻ ۾ ڪامياب
بيت المقدس (م ڊ) اسرائيلي فوج جي حملن، رڪاوٽن ۽ پابندين باوجود مسجد اقصيٰ تڪبيرن سان گونجندي رهي، 40 هزار کان وڌيڪ فلسطيني مسجد ۾ داخل ٿي عيد الاضحيٰ جي نماز ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اسرائيلي فورسز مسجد اقصيٰ ۾ عيد الاضحيٰ جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ آيل مسلمانن تي تشدد ڪندي صحن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، نمازين جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. مسجد الاقصي جي اسلامي اوقاف جي انچارج چيو ته اسرائيلي بندش ۽ هزارين ماڻهن کي داخل ٿيڻ کان روڪڻ باوجود 40،000 کان وڌيڪ فلسطيني عيد نماز ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.