سنڌ ۾تعليمي ادارن، اسپتالن تي 15 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليمي ادارن سان گڏ اسپتالن ۽ ڪلينڪس جي خدمتن تي به 15 سيڪڙو صوبائي سيلز ٽئڪس لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته طبي تعليم فراهم ڪندڙ ادارن جي خدمتن تي به ٽئڪس لاڳو ٿيندي. ماهرن ۽ عوام جو چوڻ آهي ته تعليم ۽ صحت جي سهولتن تي سيلز ٽئڪس لڳائڻ سان مهانگائي جو شڪار عوام جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. سنڌ جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صوبائي سيلز ٽئڪس جي دائري ۾ بنيادي خدمتن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، ڪوچنگ سينٽرن ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ادارن جي تعليمي ادارن  اسپتالن ۽ ڪلينڪس تي پڻ صوبائي سيلز ٽئڪس لاڳو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.