عيد الاضحيٰ ۽  قرباني جو فڪر  

عيد الاضحيٰ مسلمانن جي وڏي تھوار ۾ شامل آھي.ھر تھوار پاڻ سان گڏ خوشيون تھ آڻيندو آھي، پر عيد توڻي تھوار جا ڪي بنيادي ضابطا ۽ ان جو خاص پس منظر ھوندو آھي.جنھن کي ھر تھوار ۾ ورجائبو پڻ آھي.ان سان گڏ ان جو ھڪ اھم پاسو آھي تھ ان تھوار جي سمورين خوشين ۾ انھن ماڻھن کي بھ شريڪ ڪيو وڃي،جيڪي سماجي ڍانچي جي ناانصافين جي ڪري انھن خوشين کان محروم رھندا آھن.

ھن سال ھي عيد اھڙي وقت ۾ آئي آھي جڏھن ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ موجود آھي تازو حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ تي بحث جاري آھي.ٻئي پاسي موسمن جي توازن ۾ پئدا ٿيل بگاڙ جي ڪري ھيل گرمي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھي.ساڳي وقت مھانگائي چوٽ چڙھي وئي آھي.جنھن ڪري ھن ڀيري پڻ ماڻھن ۾ عيد جي حوالي سان جوش خروش ڪو گھڻو نظر نٿو اچي، ان ھوندي بھ عيد مسلمانن جو ھڪ مذھبي ڏينهن آھي.ھي عيد عوام جي لاءِ خوشيون تھ کڻي آئي آھي پر ھڪ عام ماڻھو ھن مھانگائي واري دور ۾ عيد ملھائي سگھڻ جي جھڙو نھ رھيو آھي.

مذھبي نقطھ نظر سان حج جي ادائيگي مذھبي فرض آھي،ھي پنجون رڪن آھي جيڪو  ذوالحج  جي مهيني ۾ ادا ڪيو وڃي ٿو. ھي اسلامي ڪئلينڊر موجب آخري مھينو ھوندو آھي. اسلامي سال جي شروعات حرمت واري مهيني محرم سان ۽ پڄاڻي ذوالحج واري مھيني سان ٿئي ٿي.

اسلام هڪ ڪامل دين آهي، جنهن ۾ انسان جي ڀلائي ۽ ڪاميابي  لاءِ عبادت جا عظيم موقعا رکيا ويا آهن جن کي اختيار ڪري انسان پنهنجي رب کي راضي ڪري سگهي ٿو، انهن مان قربانيءَ جو موقعو به هڪ آهي، جنهن جو بنياد حضرت  ابراهيم عه جي انهيءَ خواب تي آهي جنهن ۾ ڏٺائون ته پاڻ  ربّ پاڪ جي حڪم سان پنهنجي پياري پُٽَ حضرت اسماعيل عه کي ذبح ڪري رهيا آهن، پاڻ اهڙي خواب جو ذڪر پنهنجي پُٽ حضرت اسماعيل عه سان ڪيو، جنهن کيس عرض ڪيو ته، ” بابا سائين اوهان کي جيڪو حڪم مليو آهي، انهي تي عمل ڪريو، اوهان انشاءَالله مون کي صبر ڪرڻ وارن مان  ڏسندؤ“، حضرت اسماعيل عه جو اهڙو جواب ٻڌي حضرت ابراهيم کيس وٺي ڪري مڪي مڪرمه کان منى جي طرف روانو ٿيو، جتي پُٽ جي قرباني ڪرڻ لاءِ کيس منهن ڀر ليٽائي ڇڏيو ۽ ذبح ڪرڻ  وارو ھو تھ الله پاڪ طرفان وحي نازل ٿي ته” اي ابراهيم! اوهان پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو“  ان بعد الله پاڪ قربانيءَ لاءِ هڪ دُنبي کي موڪليو. قربانيءَ جو فلسفو ٻڌائي ٿو ته انسان کي پنهنجي رب جي رضا لاءِ پنهنجي پياري کان پياري شيءِ به قربان ڪرڻ کان نھ ڪيٻائڻ گهرجي. قربانيءَ جي اهڙي عمل جي پوئيواري ڪندي ۽ حضرت ابراهيم جي انهيءَ جذبي کي ياد ڪندي اَڄُ ڏينهن تائين مسلمان قربانيءَ جي اهڙي عمل کي دهرائيندا اچن پيا ۽ هر سال  عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني ڪندا آهن، بجا طور تي هر سال حج جو فرض سرانجام ڏيڻ کانپوءِ صحت مند جانور جي قرباني ڪندا آهن، اهڙي قرباني مرڪزي طور تي  مديني شريف ۾ ٿيندي آهي. جڏهن ته دنيا ۾ ھر ھنڌ رھندڙ مسلمان  آبادي آهي اتي قرباني ڪندي آهي. قرباني جو مقصد صرف الله جي رضا شامل آهي.

شرعي اصطلاح ۾ ڪنهن جانور کي الله جي جي راھ ۾ ڪُهڻ کي اضحيٰ يا قرباني چيو ويندو آهي، قرباني جي جانور جي عمر جنهن ۾ اُٺ پنج سالن جو، ڳئون يا مينهن ٻن سالن جي، ٻڪر، ٻڪري، دنبو ۽ گهيٽو هڪ سال جو ھئڻ گھرجي.

عيد تي اسان سمورن ماڻھن کي غريب، مسڪين، يتيم، بيوس، لاچار ۽ بکايل ۽ بي پھچن جي سار لهڻ پڻ ڪنهن عبادت کان گهٽ نه آهي، پنهنجن خوشين ۾ ٻين کي به شامل ڪرڻ گھرجي، پنهنجون خوشيون انهن ۾ ورهائجن، ڇو جو عيد خوشين سان گڏ بخشش ۽ رحمت جو به ڏينهن هوندو آهي.

ماڻهو عيد جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ جانورن جون قربانيون ڪندا. قرباني به هر سرندي واري تي فرض آهي قرباني جي گوشت جا 3 حصا ڪيا ويندا آھن،جن مان هڪ حصو غريبن لاءِ، ٻيو حصو دوستن ۽ مٽن مائٽن لاءِ ۽ ٽيون پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ هوندو آهي. پر اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو قرباني تھ ڪن ٿا پر اهي غريبن ۽ مائٽن جو حصو به پاڻ  لاءِ رکي ڇڏيندا آهن، اهو عمل قرباني جي اصل روح جي ابتڙ آهي.

قرباني جو ھڪ  اهم پھلو ھي بھ آھي تھ قرباني ڪيل جانورن جون باقيات يعني آنڊن، اوجهرين ۽ گند کي خاص نموني سان ڪنھن اھڙي جاءِ تي ڇڏڻ گھرجي، جنھن سان ڪنھن گندگيءَ جي پکڙڻ ۽ بدبوءِ کان بچي سگھجي،ڳوٺ هجن يا شهر اھو  ڏٺو ويو آهي ته جانور ذبح ڪرڻ کانپوءِ ان جو رت صاف ناهي ڪيو ويندو ۽ اوجهرين کي به روڊن رستن تي ۽ کليل ميدانن ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان هڪ طرف گندگي ٿيندي آهي ته ٻئي طرف بدبوءِ پکڙجي ويندي آهي ۽ سڄي سماج لاءِ آزار ٿي ويندو آهي. ان ڪري صفائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي. اسان جي دين ۾ بھ صفائي جي ڳڻ کي اڌ ايمان قرار ڏنو ويو آھي. قرباني جي موقعي تي صفائي سٿرائي جي خاص خيال نھ رکڻ جي ڪري اسان بابت غلط تاثر پيدا ٿئي ٿو، ان ڪري صفائي واري پاسي تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي.

صفائي سٿرائي جي عمل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وقت جي حڪومت ۽ انتظاميا جو به اھو فرض آهي ته ان ڏس ۾ جوڳا انتظام ڪيا وڃن. جيئن سماج کي ڪنھن امڪاني زحمت کان بچائي سگھجي. ڳوٺن ۾ جيڪڏھن قرباني ڪندڙ ماڻھون جانورن جي باقيات کي کڏون کوٽي پوريو وڃي ته ان سان ماحول گندگيءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪنھن امڪاني بيماري کان بچي سگھجي ٿو.

جيتوڻيڪ عيد ملھائجي رھي آھي پر ھن مھانگائي واري دور ۾ ڪيترن ئي  انسانن جي لاءِ وقت گذارڻ بھ ڏکيو آھي.تنھنڪري بي پھچ ماڻھن کي پڻ  عيد جي ھنن خوشين ۾ شريڪ ڪيو وڃي، اسان جو دين پڻ اھا ڳالھھ سيکاري ٿو تھ وري اھو ھر سمجھھ ڀرئي ماڻھون جي اھا ذميداري بھ ٿئي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.