پي ٽي آءِ پاران جي بي ۾ 15 سيٽون کٽڻ جي جي دعويٰ، حڪومت سازي بابت بئريسٽر گوهر جو وڏو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بيريسٽر گوهر علي خان دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ کي گلگت بلتستان ۾ 15 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ٿي آهي ۽ واضح ڪيو ته جيڪڏهن اسان جي 13 سيٽون ڪنهن ٻئي کي ڏنيون ويون ته اسان اهو قبول نه ڪنداسين.
پي ٽي آءِ چيئرمين بيريسٽر گوهر راولپنڊي ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي گلگت بلتستان ۾ چونڊن بابت چيو ته ووٽ جمهوريت جي بنيادي اڪائي آهي، گلگت بلتستان ۾ اسان جا 22 اميدوار ميدان ۾ هئا، اسان 15 سيٽن تي کٽيو آهيي.
هن چيو ته عوام جنهن کي مينڊيٽ ڏنو آهي، حڪمراني جو حق ان وٽ ئي هجڻ گهرجي.
سندس چوڻ هوته پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ خلاف اسان جو موقف واضح آهي، جن وفاق ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو، گلگت ۾ انهن سان حڪومت ڇو ٺاهينداسين؟ پي ٽي آءِ پاور شيئرنگ تي يقين نٿي رکي.
بيريسٽر گوهر دعويٰ ڪئي ته گلگت ۾ هاڻ تائين آيل 17 سيٽن جي نتيجن ۾ اسان 8 سيٽن تي کٽي چڪا آهيون ۽ ڪُل 24 سيٽن تي اسان جي سرسي واضح آهي، اسان کي 15 سيٽن تي ڪاميابي ملي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.