عيدالاضحيٰ مسلمانن لاءِ عظيم قرباني جو ڏينھن

تحرير: زينت احمد

اڄوڪو ڏينھن ڏھين ذوالحج مسلمانن جي عظيم قرباني جو ڏينھن. آھي قرآن پاڪ ۽ حديث شريف ۾ اڄوڪي قرباني جي باري ۾ تفصيل سان بيان ٿيل آھي. لکيل آھي ته هڪ ڀيري رات جو حضرت ابراهيم خواب ڏٺو ته خواب ۾ هن کي ڪير چئي رهيو آھي ته اي ابراهيم: اٿ ۽ قرباني ڪر حضرت ابراهيم فجر جو اٿيو ۽ ٻه سؤ اٺ الله پاڪ جي راھ ۾ قربان ڪيائين ۽ ايئن ٻيا ٻه ڏينھن به سؤ اٺ قربان ڪندو رهيو ۽ پوءِ چوٿين ڏينھن خواب ۾ ڏٺو ته هو پنھنجي پياري پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي خدا جي راھ ۾ قربان ڪري رهيو آھي، بيشڪ اهو سچ آھي ته خواب پيغمبرن تي وحي وانگر نازل ٿيندا آھن. پوءِ هڪ ڏينھن فجر جو ننڊ مان بيدار ٿي حضرت ابراهيم عليه السلام حضرت بيبي سائره کي چيو ته اڄ مونکي خواب ۾ الله پاڪ جي طرفان حڪم ٿيو آھي ته مان پنھنجي پياري پٽ کي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ قربان ڪري ڇڏيان. اي سائره مان ان حڪم خداوندي کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار آھيان. حضرت بيبي سائره اهائي بھترين ڳالھه آھي ته توهان پنھنجي پياري پٽ کي الله پاڪ جي درٻار ۾ قربان ڪري ڇڏيو ان گفتگو کان پوءِ جلد ۾ ئي حضرت ابراهيم عليه السلام پنھنجي سواري تي سوار ٿي حضرت بيبي حاجره ڏي روانه ٿيا ۽ حضرت بيبي حاجره وٽ پھچي چوڻ لڳا اي حاجره اسماعيل جي وارن کي  مشڪ عنبر سان خوشبوءِ دار ڪري ڪنگو ڏئي هن جي اکين ۾ سرمون وجهي هن کي پاڪ ۽ خوبصورت ڪپڙا پارائي منھنجي حوالي ڪر اڄ اسان کي الله پاڪ جي دعوت ۾ وڃڻو آھي ۽ توهان اسان کي الله پاڪ جي ان دعوت ۾ وڃڻ جي دل سان اجازت ڏيو ان وقت اسماعيل جي عمر نَوَ سال هئي حضرت بيبي حاجره حضرت اسماعيل کي وھنجاري سھنجاري تيار ڪري حضرت ابراهيم عليه السلام جي حوالي ڪيو. حضرت ابراهيم عليه السلام هڪ تيز ڇري لڪائي پاڻ سان گڏ کنئي ۽ بيبي حاجره کان موڪلائي حضرت اسماعيل عليه السلام کي ساڻ وٺي هلڻ لڳا ان وقت حضرت اسماعيل عليه السلام پنھنجي والد حضرت ابراهيم عليه السلام جي پويان شرافت سان هلڻ لڳو سچ پڇو ته ان وقت اهو منظر ڪيڏو نه خوبصورت هوندو ۽ الله پاڪ کي ڪيڏو نه وڻندو هوندو. اها ڪيفيت ڏسي شيطان به حرڪت  اچي ويو ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام وٽ آيو پر ڪجهه به چوڻ مناسب نه سمجهيائين ۽ فورن حضرت بيبي حاجره وٽ آيو ۽ بيبي حاجره کي چوڻ لڳو اي حاجره توهانجو خوبصورت ۽ معصوم پٽ اسماعيل ڪٿي آھي؟ حضرت بيبي حاجره وراڻيو هو پنھنجي والد صاحب سان گڏ الله پاڪ جي دعوت تي ويو آھي. شيطان چوڻ لڳو ته مونکي افسوس آھي جو توهان کي صحيع خبر ئي نه آھي اڄ ابراهيم توهانجي اسماعيل کي ذبح ڪرڻ لاءِ وٺي ويو آھي ۽ توهانجي معصوم گلن جھڙي ٻچي جي ڪنڌ تي هو کيس ڪاتي وهائي توهان کان هميشه لاءِ الڳ ڪري ڇڏيندو مونکي هنن معصوم جي ايئن مرڻ تي انتھائي افسوس آھي مان توهان سان ڏک جو اظھار ڪرڻ آيو آھيان. اڃان وقت آھي توهان جيڪڏهن پنھنجي جگر جي ٽڪري کي بچائڻ چاهيو ٿيون ته بچائي سگهو ٿيون مان توهان جي هر طرح جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيان اهي ڳالھيون ٻڌي بيبي حاجره فرمايو توهان چريا ته نه آھيو؟ ڇا اڄ تائين پنھنجي پٽ کي ڪنھن پيءُ قتل ڪيو آھي ڇا؟ شيطان وراڻيو ابراهيم کي پنھنجي الله ايئن ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي اهو ٻڌي بيبي حاجره وراڻيو ڇا سچ ۾ ابراهيم کي ابراهيم جي الله اهو حڪم ڏنو آھي؟ شيطان وراڻيو ها بلڪل اهو سچ آھي اڄ تنھنجو معصوم ٻچو قربان ٿي ويندو مطلب ته شيطان هر ڪوشش ڪئي ته حاجره ماءُ آھي هو هن ان حڪم خدائي کان انڪار تي آماده ڪري پر بيبي حاجره فرمايو جيڪڏهن اهو الله پاڪ جو حڪم آھي ته مان اسماعيل جي قربان ٿيڻ تي راضي آھيان. جڏهن شيطان ڏٺو ته حاجره اڳيان هن جو هڪ به حيلو نه هليو ته هو ڊوڙي وري حضرت اسماعيل وٽ آيو ۽ پڇيو اي اسماعيل ڪيڏانھن پيا وڃو اسماعيل چيو اسان الله پاڪ جي دعوت تي پيا وڃون ته شيطان کيس نه ابراهيم توهان کي قتل ڪرڻ لاءِ وٺيون پيو وڃي جيڪڏهن سر بچائڻو اٿئي ته ابراهيم سان گڏ وڃڻ جو انڪار ڪر ۽ ڪٿي لڪي وڃ! اسماعيل وراڻيو ته پر ابراهيم ته منھنجو والد آھي ڀلا ڪو پيءُ پٽ سان ايئن ڇو ڪندو ته شيطان وراڻيو تنھنجي پيءُ کي الله حڪم ڏنو آھي ته اسماعيل کي قربان ڪر ۽ هو توکي ذبح ڪرڻ لاءِ وٺي وڃي رهيو آھي. اهو ٻڌي اسماعيل عليه السلام وراڻيو ته اگر اهو الله پاڪ جو حڪم آھي ته مان ان حڪم تي راضي آھيان اهو ٻڌي شيطان مايوس ٿي موٽي ويو. جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام ڪافي پري نڪري آيا ته حضرت اسماعيل عليه السلام فرمايو بابا سائين اسان ڪاڏي وي رهيا آھيون؟ تڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام الله پاڪ جي طرفان جيڪا وحي نازل ٿي هئي سان هنن الفاظن پٽ اڳيان بيان ڪئي ته” جڏهن هو صحيع طريقي سان گهمڻ ڦرڻ جي قابل ٿئي وڃي ته پيءُ پنھنجي جگر جي ٽڪري کي فرمائي اي منھنجا پيارا پٽڙا مون خواب ڏٺو آھي ته مان توکي الله جي راھ ۾ قربان ڪري رهيو آھيان اي منھنجا پٽ مونکي ٻڌاءِ ته ان باري ۾ تنھنجي ڪھڙي راءِ آھي اهو ٻڌي حضرت اسماعيل عليه السلام پنھنجي والد کي عرض ڪيو ته اي بابا سائين اها ڳالهھ ته منھنجي لاءِ سعادت آھي توهان ته الله پاڪ جا دوست آھيو ۽ رات جو تمام گهٽ سمھندا آھيو جڏهن توهان الله پاڪ جي حڪم تي ستا ۽ الله پاڪ جي رحمت سان توهان کي خواب جي سعادت نصيب ٿي مان خوشيءَ سان راضي آھيان جنھن ۾ الله پاڪ راضي آھي“ ۽ چوڻ لڳو ته:” حضرت اسماعيل پنھنجي والد محترم کي چيو ته ”اي بابا جان توهان ايئن ڪري ڇڏيو جيئن توهان کي الله پاڪ جي طرفان حڪم ٿيو آھي ۽ مونکي انشاءَ الله صابرين ئي ڏسندا.“

پوءِ ڏهينءَ ذوالحج جي رات به اهو خواب ڏٺو ته مان پٽ کي ذبح ڪري رهيو آھيان ۽ ان هوندي به جڏهن کيس خواب جي تعبير معلوم نه ٿي سگهي ته پنھنجي پٽ سان ان خواب جو ذڪر ڪيو ته حضرت اسماعيل اهو قبول ڪيو ته اهو حڪم الاهي آھي بابا سائين جلدي ڪيو انشاءَ الله مونکي صابرين ڏسندؤ ٿي سگهي دير جي ڪري شيطان ڪو وسوسو وجهي ڇو ته هو اهو چاهي ٿو ته اسان الله پاڪ جي راھ تان ڀٽڪي وڃون حضرت ابراهيم عليه السلام ان وقت ئي فرمايو شيطان ملعون کي پٿر هڻون تڏهن ٻنھين پيءُ پٽ گڏجي شيطان کي پٿر هنيا ۽ اڄ تائين حاجي سڳورا سنت ابراهيمي مطابق شيطان کي پٿر هڻدا آھن پوءِ حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام ان جڳھه تي پھتا جنھن کي اڄ منٰي بازار چوندا آھن. جتي اڄ به تمام حاجي سڳورا جانورن جي قرباني ڪندا آھن. ان جڳهھ تي پھچي حضرت ابراهيم عليها لسلام پنھنجي پٽ کي فرمايو ته هاڻي توهان جي ڇا صلاح آھي؟ ته حضرت اسماعيل عليه السلام فرمايو ته هزار جانيون به الله پاڪ جي حڪم تي قربان بابا بس بابا جيترو جلدي ٿي سگهي مونکي الله پاڪ جي راھ ۾ قربان ڪريو.

پوءِ جڏهن ٻئي پيءُ پٽ حڪم۔ خداوندي تي راضي ٿي ويا ته حضرت ابراهيم عليه السلام پنھنجي پٽ کي منھن ڀر زمين تي سمھاريو جيئن ذبح ٿيڻ مھل پٽ جو چھرو نظر نه اچي ۽ ڪٿي پٽ جي محبت جو جوش ڏسي الله پاڪ جي حڪم جي ابتڙ نه هلي پوان ۽ اها ڳالهھ حقيقت ۾ پٽ اسماعيل پنھنجي والد محترم کي سيکاري ته جيئن مان قربان ٿي سگهان ۽ رب پاڪ اسان تي راضي رهي ان عمل دوران حضرت ابراهيم عليه السلام ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي ۽ دل تي جيڪا گذري هوندي اها الله پاڪ ئي بھتر ڄاڻي ٿو، ذبح ٿيڻ مھل حضرت اسماعيل بابا سان ٽي ڳالھيون ڪيون ۽ فرمايو ڀلي هي ڳالھيون منھنجي وصيحت ئي سمجهو:  سڀ کان اڳ منھنجا هٿ ۽ پير مضبوطيءَ سان ٻڌو. متان مان جوش ۾ اچي ڦٿڪان ۽ منھنجي خون جو ڪو قطرو توهان جي ڪپڙن تي لڳي ۽ ان ڳالهھ تي متان مونکان الله پاڪ قيامت واري ڏينھن حساب ڪتاب نه وٺي. منھنجو منھن زمين ڏي ڪيو جيئن اسان ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسي نه سگهون متان اسانجي محبت وچ ۾ اچي ۽ اسان قصور وار نه ٿي پئون. ۽ ٽيون عرض ته توهان جڏهن گهر واپس وڃو ته اتي وڃي منھنجي مٺڙي جيجل ماءُ کي منھنجا سلام عرض ڪجو ۽ منھنجي خون وارا ڪپڙا ان کي ڏجو جيئن ان کي تسلي هجي ته مان الله پاڪ جي راھ ۾قربان ٿي ويو آھيان هن جي ٻئي ڪا اولاد ڪونھي هوءَ منھنجا هي ڪپڙا نشاني طور رکي.

اهي ڳالھيون ٻڌي حضرت ابراهيم عليه السلام ڇري ۽ رسي ڪڍي اسماعيل عليه السلام جا هٿ پير ٻڌا اسماعيل کي منھن ڀر زمين تي سمھاريو ته حضرت اسماعيل فرمايو بابا منھنجا هٿ پير کوليو جيڪو ماڻھو الله پاڪ کان ڀڄندو هجي اني ٻڌبو آھي. پر اها ڳالھه حضرت ابراهيم ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي ڇري وهائڻ شروع ڪئي پر الله جي حڪم سان ڪجهھ به نه ڪَٽِيو ۽ حضرت اسماعيل عرض ڪيو بابا ڇا ڇريءَ جي پٺي ٿا وهايو ڇا جو ڪجهھ به نٿو ڪٽجي؟ تڏهن حضرت ابراهيم ڇري زور سان وهائڻ شروع ڪئي پر تڏهن به اسماعيل ذبح نه ٿيو بابا ڀلا ڇريءَ جي چوٽي ڳلي ۾ وجهي زور سان ذبح ته شايد ذبح ٿي وڃان حضرت ابراهيم پٽ جي چوڻ تي ايئن به ڪيو پوءِ به ڇري ڪجهھ به نه ڪَٽِيو ڇري ڳَن ۾ ھلي وئي ۽ ڳن اسماعيل جي ڪنڌ تي ئي رهيو مطلب هو ذبح ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو ايتري ۾حضرت ابراهيم جوش ۾ اچي ڇري زمين ۾ زور سان کوڙي ڇڏي ان وقت ڇري حضرت ابراهيم سان ڳالھايو ۽ چيو ته اي ابراهيم الله پاڪ توهانکي چئي ٿو اسماعيل جو ڳلو وڍيو ۽ مون وراڻيو اسماعيل جو ڳلو نه وڍجانءِ توهان کي هڪ ڀيرو ٿو چوي مونکي ڏهه ڀيرا ٿو چوي. توهان ته ڄاڻو ٿاته الله جي حڪم جي اڳيان ڪنھن جو به حڪم نٿوهلي سگهي حضرت ابراهيم ڇريءَ سان اها گفتگو ڪري رهيو هئو ته پويان کان تڪبير جو آواز آيو.

الله اكبر الله اكبر الله اكبر لا اله الا الله والله اكبر الله اكبر ولله الحمد

 

حضرت ابراهيم حضرت جبرائيل عليها لسلام کي ڏٺو جيڪوبلند آواز ۾ چوندو آيو: ترجمو: ۽ پڪاريو اسان ان کي ايئن ته اي ابراهيم بيشڪ سچو ڪيو تو پنھنجي خواب کي. تحقيق ايئن ئي اسان جزا ڏيندا آھيون احسان ڪرڻ وارن کي يعني اهڙي ڏکئي حڪم ۾ وجهي آزمائيدا آھيون. ۽ پوءِ انھن کي ثابت قدم رکندا آھيون ۽ انجي بدلي ۾ کين بلند درجا عطا ڪندا آھيون بيشڪ اها وڏي آزمائش آھي ۽ اسان حضرت اسماعيل کي هڪ وڏي قرباني جي بدلي ڇڏي ڏنو يعني وڏي درجي جي بشت مان هڪ گهٽو آيو ۽ ۽ حضرت ابراهيم اکين تي پٽي ٻڌي زور سان ڇري وهائي ۽ الله جي حڪم سان ڳلو نه ڪٽيو حضرت جبرائيل حضرت اسماعيل کي ان جڳهھ تان هٽائي ڇڏيو ۽ هڪ رڍ بشت مان آڻي ان جڳھه تي رکي ڇڏيو جڏهن حضرت ابراهيم اکيون کولي ڏٺو ته ان جي پٽجي بدلي ۾ هڪ رڍ ذبح ٿيل آھي. ۽ پوءِ اها سنت ابراهيمي ايدڙ نسلن تائين قائم ڪئي ويئي ۽ سلامتي هجي حضرت ابراهيم عليه السلام تي اسان ايئن ئي بدلو ڏيندا آھيون سڀني نيڪي ڪرڻ وارن کي ۽ اهي اسانجي بندن ۾ تمام گهڻا ايماندار آھن. اسان انھن کي پنھنجي نعمتن ۽ برڪتن سان نوازيندا رهنداسين ان جينسل تي به اسانجو رحم ۽ ڪرم جاري رهندو.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.