اڄوڪي سنڌ جي قرباني واري عيد

تحرير:مجيد نواز مغل

قرباني واري عيد جنھن کي ٻاڪري عيد يا وڏي عيد پڻ چيو وڃي ٿو ـ انھيءَ جي اھميت اسان وٽ نھايت خوشيءَ جي موقعي طور ٿئي ٿي ـ جنھن ۾ سرنديءَ وارا قرباني ڪندي حلال جانور ڪھي انھن جو گوشت پنھنجي گھر ڀاتين پاڙي ۾ ۽ پنھنجن مٽن مائٽن ۾ ورھاست ڪري ڇڏين ٿا ـ انھيءَ قرباني واري عيد جو فلسفو اھو آھي ته بردباري سان پاڻ کان گھٽ حيثيت وارن کي گوشت جي ورھاست برابر برابر ڪري ڏجي ۽ ان ڏينھن جي خوشين جھڙوڪي نوان ڪپڙا نوان جوتا هر قسم جا کاڌا تيار ڪري سڀ ڪنھن کي ڏين ـ اھو عمل انھيءَ قرباني واري عيد جو بنيادي فلسفو ليکيو وڃي ٿو ـ نبين جي قصن بابت ڪتابن ۾ بلڪي قرآن شريف ۾ پڻ آيل آھي ته حضرت ابراھيم عليه خواب لڌو جنھن ۾ ھن پنھنجي پياري ۾ پياري شئي پنھنجي پياري پٽ حضرت اسماعيل عليه کي ذبع ڪري پيو ـ انھن قصي موجب کيس خدا تعالي پنھنچي پياري ۾ پياري شئي جي قرباني جو حڪم ڪيو ـ جنھن کان پوءِ ھن ڪنھن ويران جاءِ تي پاڻ ۽ پنھنجي پٽ  کي وٺي وڃي پاڻ به  ۽ پٽ جي اکين تي به  پٽي ٻڌي قربان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر الله جي حڪم سان آسمانن مان ھڪ دنبو ھيٺ زمين تي آڻي انھيءَ جي قرباني ڪرائي وئي ۽ ائين الله حضرت ابراھيم عليه جي قرباني کي قبول ڪيو ـ  اھا قرباني سنت ابراھيمي بڻجي پراڻي وقت کان روايت طور اڄ سوڌو جاري آھي ـ  ان ڪري انھيءَ ڏينھن تي جانورن جي قرباني خدا تعالي جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي ـ ان عظيم خوشين واري ڏينھن اسان کي پنھنجي اردگرد ڳوٺن پاڙن ۽ گھرن ۾ غريب ڪٽنبن جن وٺ ايتري دولت به ناھي جو ھو پنھنجي کاڌي پيتي لٽو پائڻ صحت تعليم ۽ ٻيون بنيادي ضرورتن کي پوري ڪري سگھن ـ انھن جي کلي دل سان مدد ڪرڻ کپي ـ جيڪي ضرورت مند آھن جيڪي گوشت کان سارو سال محروم رھن ٿا کين گوشت ڏيڻ گھرجي سٺا ۽ نوان ڪپڙا، جوتا ۽ کاڌي جي شين جي خريداري ڪري اھي کين مھيا ڪري ڏيڻ کپي ـ

سنڌ صوبو جيڪو پاڪستان جو باني ۽ مک پيداواري صوبو پڻ آھي ـ جتي وڏي مقدار ۾ گيس تيل ۽ ٻيا معدني وسيلا قدرت وڏي انگ ۾ ڪري ڏنا آھي ـ ھتان جي رھندڙ سنڌ واسين جي موجودھ جديد دور ۾ حالت رحم جوڳي آھي ـ ٻارن جو وڏو انگ ۾ کاڌي کان محروم ھجڻ ـ وڏو انگ تعليمي ادارن ۾ داخل ناھي ـ ھتان جي حڪمرانن جي ناقص پاليسين ۽ ڪرپشن سبب ھتان جو اڄوڪو رھواسي انيڪ مسئلن ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو ـ سنڌ جو پورھيت پورھئي جو جوڳو اجرو وقت سر نه ملڻ ڪري نھايت مفلسيءَ جو شڪار آھي ـ  ماڻھو مھانگائي ۽ غربت هتان تنگ ٿي آپگھات ڪن پيا ـ اھڙين حالتن ۾ سڀ ڪنھن لاءِ ٻاڪري عيد جون خوشيون حاصل ڪرڻ ڏکيو آھي ـ مناسب آمدني جو نه ھجڻ وڌندڙ بک ۽ بيروزگاري سبب امير سنڌ جا رھواسي سنڌي اڄ جي جديد سائنسي دور ۾ به  ڪيترن ئي بنيادي سھولتن کان محروم آھن ـ ان لاءِ قرباني جي عيد جي ڏينھن تي ھتان جي ھر وس واري ۽ سرنديءَ واري کي اڳتي اچڻ کپي ۽ پنھنجي وطن واسين سنڌ واسين چي ڀرپور ريت مدد ڪرڻ گھرجي ـ جيڪا ھڪ ته اسان جي ايمان جو حصو پڻ آھي ٻيو اخلاقي تقاضا پڻ ـ

جڏھن عيد جي ڏينھن ھڪ گھر ۾ ننڍن کان وڏا نوان نوان ڪپڙا پائين نوان نوان جوتا پائين سٺا سٺا کاڌا کائين ٻئي طرف ڪکائن گھرن جا رھواسي ٻين جي گھرن مان گوشت اچڻ جي آسري تي ويٺا ھجن کين پائڻ لاءِ نوان ڪپڙا ۽ جوتا به نه ھجن ـ انھيءَ طبقاتي فرق سبب معاشرتي اسٽيٽس ۾ فرق اچي وڃي ٿو ـ طبقاتي فرق جي ڪري مختلف طبقن وچ ۾ ھڪ ٻئي خلاف نفرت گھر ڪري وئي آھي ـ جنھن لاءِ مارڪس لينن اينگلس ۽ ٻين ڏاھن پنھنجيون ٿيوريون پيش ڪيون آھن ـ جنھن موجب سرمائيدار ۽ حاڪم طبقي جا فرد پاڻ کان گھٽ حيثيت رکندڙ کي قبول نٿا ڪن ۽ ائين طبقاتي ڇڪتاڻ واري سوچ جنم وٺي ڪنھن وڏي جدوجھد جي مشعل ٻاري ٿي ـ

اسان پنھنجي معاشري جي حساب سان قرباني واري عيد جي بنيادي فلسفي کي سمجھندي غريب ۽ لاچار ماڻھن جي مدد سڀ کان اول ڪريون ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ پنھنجي حصي جا ڪم ضرور ڪيون ـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.