ويران اوطاقون اجڙيل رشتا ڏٺم!

تحرير:غلام حسين لغاري

آڳاٽي عيد ته عيد گذرندي ٻه مهينا ٿيا آهن پر اڄ گوشت واري يعني قرباني واري عيدالاضحي آهي جنهن جا به ٽي ڏينهن اک ڇنڀ ۾ قرباني جو گوشت کائيندي خير سان گذري ويندا۔ جيڪڏهن انهي دوران ڪجهه ڏسڻو پوندو ته ويران اوطاقون اجڙيل رشتا ڏسڻ ۾ ايندا جتي عيد ڏهاڙي هجوم ڏسڻ ۾ ايندا هئا۔عيد جون مبارڪون جيڪي عيد ڏهاڙي ڏيڻ گهرجن سي به روبرو نه ته مبارڪن ڏيڻ جو بعد عيد ڪهڙو فائدو۔عيد بعد آفيسون ۽ ادارا کلندا ته دليون ٻيهر ملنديون مبارڪون ڏنيون وينديون پر صاحب سڳورن لاءِ  ڪيڪ ۽ مٺايون به ڏسڻ ۽ کائڻ لاءِ  ملنديون۔اهو به ٻڌڻ وٽان ملندو ته صاحبن جي سر جو سدا خير هجي ڀلي پنهنجو سر وڃي ته پيو وڃي۔ ڀلا جيڪڏهن عيد ڏين واندڪائي نه هجي ته ٻئي يا ٽئين ڏينهن تي مبارڪون ڏيڻ گهرجن۔

اوائلي دور ۾ عيدن تي جڏهن سنگت ساٿ عزيز اقارب مٽ مائٽ پاڻ ۾ ملندا هئا ته مسڪراهٽون ۽ ٽهڪ ٻڌن وٽان ملندا هيا جيڪي هاڻ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وٽان نٿا ملن جيڪي زماني جي رفتار سان مٽجي چڪا آهن مفاصلا جيڪي ماضي ۾ ويجها لڳندا هئا سي ڊجيٽل جي هن دور ۾ وڌائي ڇڏيا آهن۔وڌڻ ته نه گهرجي اڃا اهي گهٽجن ٿا سوچڻ جي ڳالهه آ۔جڏهن مفاصلا وڌيل هيا ته انسان ۽ رشتا هڪٻئي جي ويجهو هيا جڏهن مفاصلا گهٽيا ته انسان ۽ رشتا هڪٻئي کان دور ٿيڻ لڳا دور ٿيندا پيا وڃن۔ ڏينهن ۽ راتيون تمام پياريون آهن اسان سڀ سهڻا ۽ پيارا آهيون پر وقت اهو سهڻو ۽ پيارو ناهي رهيو جيڪو اسان اوهان گڏجي ڏٺو پرکيو ڪاش اهو وقت ٻيهر وري۔

عيد ڏهاڙن تي هاڻ سدائين مون اهي اوطاقون ۽ ويڙها ويران ڏٺا بلڪه تالا لڳل هنڌ ڏٺا جتي اسانجا وڏڙا ۽ بزرگ عيد جا ٽئي ڏهاڙا موجود رهندا هئا عيد مبارڪون وصول ڪندا هئا ۽ ڏيندا هئا ۽ خيريت معلوم ڪندا هيا۔اوطاقن ۾ ٽئي ڏهاڙا ماني مٺائي چانهن پئي هلندي هئي ڪافي اوطاقن ۾ سر آلاپيه ويندا هئا يعني لوڪ راڳ رنگ هلندو هو فقراهي رنگ الڳ هوندو هو جيڪو پڻ هاڻ ناهي رهيو۔هاڻ اهي اوطاقون نه پر ٿاڻا ۽ اذيت گهر بڻجي چڪا آهن جن جو ڊپ به هوندو آهي ته ڪٿي ٻڌجي نه پئون۔اوطاقن کي وساري ڇڏيو اذيت گهر ياد ڪريو۔خدا ايئن نه ڪري من اڄوڪي عيد ۾ اوائلي نواڻ ڏسڻ وٽان ملي۔

جڏهن کان موبائيل فون ۽ ربورٽ آيا آهن تڏهن کان ڀاڪر پائيندي ڪو ورلي ڏسڻ ۾ ايندو هاڻ واٽس اپ ۽ ايس ايم ايس تي عيد مبارڪ هجي پيارا ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وٽان ملندي سو به گهٽ متان فون اٽينڊ ڪريان ڪو مهمان اچي مٿان بيهي۔اٽي واريون هٿ سان ٺهيل سيون جن تي مکڻ مکيل هوندو هو ۽ مٿان ڳڙ واري مٺائي پيل ملنديون هيون اهي امڙيون ئي ناهن رهيون باقي هاڻ مرغ سين جو دور آهي آساني سان دڪانن تان مليو وڃن۔ مرغ سيون سي به ورلي ڪنهن گهر مان پهچنديون آهن جو ڪير کڻي اچي۔اڳ ۾ ٻارڙا مٽن مائٽن سنگت ساٿ تائين کڻي ويندا هئا هاڻ ٻار به ناهن رهيا جو گهر وارن جو هٿ ونڊائين۔عيد نماز هڪ ته پڙهڻ گهٽ ويندو پر نماز پڙهي دوستن ڏانهن ويندو باقي عيد خرچي جو آسرو هوندس ته پوءِ  پيو لامارا ڏيندو يا  موبائيل ۾ لڳو پيو هوندو۔جهڙيون مرغ سيون تهڙا مرغ ماڻهو وڃي بچيا آهن تن کي اوائلي دورن جي عيدن ريتن رسمن جي ڪا خبر ئي ڪانهي۔جيڪڏهن سندن وڏڙا حيات هوندن ته تن جي واتان يا سنگت کان ٻڌندا ۽ واه واه پيا ڪندا نه ته اهي الفاظ پيا دهرائيندا ته يار عيد خراب نه ڪر۔عيد جون ريتون ۽ رسمون وسارڻ نه گهرجن۔جيئن عيد نماز ختم ٿئي ته پهرين شرط قبرستان تي وڃجي پنهنجي وڏڙن عزيزن اقارب ۽ دوستن جي ايصال ثواب لاءِ  قل پڙهجن دعا گهرجي۔

اڄوڪي عيد عيدالاضحي يعني قرباني واري آهي۔اوائلي دور ۾ هر ماڻهو ڳوٺاڻن ۽ پاڙيسرين کي اطلاع ڪندا هئا ته جانور ڪسبو دعوت اٿو شريڪ ٿجو پنهنجي حصي جو گوشت کڻي وڃجو۔جانور ڪسبو هو ته ڍور چوڌاري ماڻهن جو هجوم نظر ايندو هو فقير فقراء به پنهنجو حصو وٺڻ جو انتظار ڪندا هئا هاڻ قرباني مهانگائي جي ور چڙهي چڪي آهي۔جتي گهٽين ۾ هر طرف قرباني جا منظر هئا سي ختم ٿي چڪا آهن ڪو ڪو ماڻهو سرندي وارو قرباني ڪري ٿو۔قرباني هن وقت فرض گهٽ شوبازي وڌيڪ آهي۔مارڪيٽن ۾ جانور ڪروڙن جو موجود هوندو آهي ۽ سرندي وارا ڪروڙن جو جانور ته خريد ڪري قرباني ڪرڻ لاءِ  تيار هوندا پر اهو ڪروڙ ۽ لک ڪنهن پاڙيسري غريب بيوس جي امداد نه ڪندا جو اهو سندن کيسن مان ٻاهر ڪڍڻ کين ڏکيو لڳندو آهي۔قرباني جي گوشت تي پهريون حق غريبن ۽ پاڙيسرين جو آهي پر هتي جانورن جي گوشت جون رانون ٻوٽيون ڪري ورهائڻ بدران ڊي فريزرن ۾ محفوظ ڪجن ٿيون جيڪا روايت اسلام اصولن جي ابتڙ آهي۔قرباني ڪجي ته ان ۾ هر غريب ۽ پاڙيسري کي برابري جي بنياد تي حصو ڏجي باقي رانون پاوا ڪليجي محفوظ ڪرڻ جا ٻيا ڏهاڙا گهڻا آهن۔اوائلي دور ۾ جانور جي کل وڪرو ڪري انجي رقم غريبن ۾ ورهائي ويندي هئي هاڻ ڪاسائي جانور ڪهي انجي عيوض کل پاڻ کنيو ٿو وڃي۔قرباني صفائي سٿرائي جو به نالو آهي۔گهٽي ۾ جانور ڪهو ٿا ته فورن اتان گندگي صاف ڪجي ميونسپل وارن جو انتظار نه ڪجي۔جيڪڏهن عيد جا ٽي ڏهاڙا گندگي جا ڍير پيل هوندا ته اتي جيت ڪٺي ٿيندا ۽ رت جي بدبو  سبب عام ماڻهن جو اتان گذرڻ به عذاب ٿيندو ۽ خود گهر ڀاتين جي آرام ۾ خلل پوندو۔عيد کي عيد ڪري ملهائڻ گهرجي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.