خساري جي سياسي معيشت

تحرير: امتياز عالم

هي بجيٽ آخر ڪنهن ٺاهي، ڪنهن جي زور تي، ڪنهن جي  لاءِ ۽ ڪهڙي ڪم جي لاءِ؟ ھي اھو بنيادي سوال آهن جنھن جي نھ ميڊيا کي  ڪا ڳڻتي آھي،نھ وري  ماهرن کي ڪا پريشاني. ڳڻتي. مشروط  طور تي پذيرائي جو شرف مليو بھ تھ عالمي مالياتي ريٽنگ ايجنسي، مودي، جنهن ٽيڪس جي ڀرمار تي IMF جي آشيرواد جي خبر ڏني يا وري اسٽاڪ مارڪيٽ تي اسٽاڪ مارڪيٽ جي سٽي بازن بازار جي رونق جو نظارو پيش ڪري.

پر لڳي ٿو ته  شھر جي غريبن جي کل لاھڻ لاءِ 800 ارب روپين کان وڌيڪ جا نوان ٽيڪس ۽ ترقياتي بجيٽ جي چمڙي اڊيڙڻ لاءِ مني بجيٽ بھ ايندي ۽ مهانگائي جو هڪ ٻيو وھڪرو بھ معاشي زراعت جي واڌ جي انجنيئرڊ خساري سازي ھٿان آبادي جي شرح جي حساب سان ھيٺ نھ سھي،اڳيان وڌڻ واري نھ آھي.ھاڻي اچون ٿا پنھنجي شروعاتي بنيادي سوالن ڏانھن! بجيٽ ڪنهن ٺاهي، جنهن جي وضاحت ڏيڻ لاءِ وزيرن ھڦڻ لڳا آھن. يا ھڪ بينڪر ناڻي وارو وزير پنهنجي اصل بجيٽ استعمال ڪندڙن يا ضرورتمندن جي داد نھ ملڻ تي مخصوص ڪاروباري مسڪراهٽ ايندڙ ڏينهن جي ڦڪائي کي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيندو نظر اچي ٿو.

اطلاع  اھي آھن  ته معاشي خودمختياري ڪجھه  وڌيڪ ئي عالمي مالياتي فنڊ وٽ گروي رکيو ويو آھي جيتوڻيڪ هن ڀيري 1500 سئو ارب جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن، جيڪي آءِ ايم ايف جي 2.3  کرب جي ٽارگيٽ کان ڪافي گهٽ آهن، ۽ پگھاردار ۽ غيرپگھاردار ثيڪس ڀريندڙن تي 35 کان 40 سيڪڙو ڳرو ٽيڪس وڌو ويو آھي.پگھاردار سفيد پوش 75 ارب رپين جي اضافي بار پوڻ تي رڙيون ڪرڻ لڳو آھي.پر ٻڌڻ وارو ڪير بھ نھ آھي.

تھ پوءِ ڇا ن ليگ جي 75 رڪني اقليتي ڪابينا هن بجيٽ جي منظوري جي گناهه ۾ شامل آهي؟ منھنجي خيال ۾ اھا تھمت آھي. وڏي اتحادي پيپلز پارٽي اڪيلائي جي ٿڌي ڪنڊ ۾ ٺرندي ننڍڙا فائدا وٺڻ جي باوجود ھن گناھ بي لذت جو بار کڻڻ لاءِ تيار ناهي.رھي مخالف ڌر يا پي ٽي آءِ،تھ ان  وٽ بجيٽ پڙهي ڪري نھ تھ ڪي متبادل تجويزون ڏيڻ جي صلاحيت آهي ۽ نھ ئي وٽس فرصت آھي.بس بجيٽ دستاويزن جون ڪاپيون ڦاڙي ڪري هوا ۾ اُڏائڻ کان سواءِ ان کي اچي ئي ڇا ٿو.حڪومتي حلقن ۾ ڪو تڙپي رھيو آھي تھ  وري اسحاق ڊار يا نواز شريف جن جا پر ڪٽيا ويا آهن، تھ پوءِ ان مان لڳي ٿو ته هيءَ بجيٽ پاڪستاني ۽ عالمي مالياتي نوڪرشاھي  ناڪام سڙيل نسخو آهي، جنهن جي نظر رڳو بيماريءَ جي علامت، يعني مالياتي خساري تي آھي، حقيقي پيداواري ۽ پائيدار معاشي ترقيءَ جون اصل گھرجون نھ آھن.انهنن جو نسخو فقط اهو آهي ته ترقي ۽ تنزلي جي بار بار  ڦوڪجندڙ۽ ڦاٽندڙ ڦوڪڻي کي معاشي ترقي روڪي ڪري ھڪ ڦسيل ڦوڪڻي جي صورت ۾ ھيٺ اڏام تي رکيو وڃي.تھ جئين ھٿ ڊگھيريندڙ معيشت ۽ حرام خور مافيا بچيل سچيل مال غنيمت ميڙيندي رھي. هاڻي سوال اهو آهي ته هي بجيٽ ڪنھن جي لاءِ آهي، جنهن جو جواب نيو لبرل معاشي نظرئي جي حامي عالمي وظيفھ خورن وٽ  ناھي.ان جو جواب سياسي معيشت وٽ آهي. هي بجيٽ واپارين،يعني دڪاندارن، وڏن زميندارن، مفت خور مافيا ۽ ڪاري ڌن جي اسٽيٽ بزنس وارن جي آھي.جن جي ڪيش تي فائل هلن ٿا. جڏهن ته پراپرٽي ٽيڪس جو بار ان آمدني تي پوندو آهي جنهن تي ٽيڪس ادا ڪيو ويو هو. غريبن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽  ٻين امدادي رليف  جي سياسي خيرات کان سواءِ ڪجهه به نه آهن. موجوده ٽيڪس جو سڄو بار اڳ کان موجود ٽيڪس ادا ڪندڙن تي وڌو ويو آھي. جيڪڏهن ڪو مستقل فيض مند آهي ته پوءِ عالمي وياج خور يا وري اسان جي سلامتي کي پيش مستقبل جي خطرن کي منهن ڏيڻو لاءِ جزيو!

خير سان ايندڙ سال 9775 ارب رپيا وياج  ۾ اڏامي ويندا ته پوءِ 8500 ارب رپيا قرض وٺي  غير پيداواري خرچن کي پورو ڪيو ويندو.جڏھن ھر طرف کان خطرا وڌندا ۽ برقرار رکيا ويندا تھ ملڪي دفاع کان غفلت ٿي سگھي ٿي. تنھنڪري هن ڀيري دفاعي ۽ ان سان لاڳاپيل خرچ 3200 ارب رپيا ٿيندا، جنهن ۾ 602 ارب رپيا پينشنز، 400 ارب رپين جو اسپيشل پيڪيج بھ شامل آهي. ان کان علاوه، هڪ قومي سيڪريٽ آھي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ غداري جي برابر آهي.معاشي سلامتي نه رهي ته ڪير ملڪي  سلامتي کي خطري ۾ وجھندو؟ جيڪڏهن بجيٽ ۾ ڪم جي ڳالھه ڳولي وڃي ته ڪجهه شعبن ۾ ٽيڪس جاري ڪرڻ جي اڌوري ڪوشش آهي ۽ 1400 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ آهي. پر اسان جي اها روايت آهي ته هر سال مالياتي خسارو اڌ کان وڌيڪ ترقياتي بجيٽ  مان ڪٽوتي ڪري پوري ڪئي ويندي آھي. جيڪڏهن حڪومت آءِ ايم ايف جي مرضيءَ موجب 800 ارب جا وڌيڪ ٽيڪس نه لڳايا ته پوءِ ترقياتي بجيٽ جو قربانيءَ جو ٻڪرو تھ ذبح ڪرڻ لاءِ موجود آهي.ڪو انهن نمائندن کان پڇي تھ جٽادار ترقي لاءِ  انساني ترقي ۽ سلامتي جي لاءِ بجيٽ ۾ مختص ڪيل ننڍڙي رقم موجود ھوندي آھي اھا انھن جي ”ترقي جي دوزخ“ جي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڇو استعمال ڪئي ويندي آھي ؟

پوءِ ڇا حڪومتن جو پيءُ جو پئسو آهي، جنهن کي اهي سياسي رشوت طور  مختلف ضرورتمندن کي ذاتي طور تي احسانمند بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪندي آھي.ڪڏھن  انهن حڪومتن ۾ شامل اڪثر عھديدران پنهنجا جائز ٽيڪس بھ ادا ڪيا آھن ۽ ڪجھه  رعايتن جي فياضي کي ڇڏڻ جي پٺيان لڪيل وڏن وڏن ميگا پروجيڪٽن ۾ هٿ جي صفائي جي مھارت  ڏيکارن جي ڪرتب ڪير واقف نھ آھي.ڪو پڇي انھن پٿردل منصوباسازن کان تھ 24 سيڪڙو مهانگائي جنھن جو تعين 38 سيڪڙو اڳوڻي مهانگائي جي شرح کي سامهون رکي ڪري ڪيو ويو آھي. (۽ شوبازي ڪئي وئي آهي ته مهانگائي گذريل مهيني 11 سيڪڙو ٿي وئي آهي) ان ھوندي بھ رڳو 5000 رپيا ماهوار اجرت وڌائڻ سان. پورهيت عوام جي جم غفير جي ٻن ويلن  جي ماني ڪيئن پوري ٿيندي؟ پر مسلم ليگ (ن) جون حڪومتون هارين جي ڪڻڪ جي اگهه تي لٽڻ ڏئي ڪري ماني سستي ڪرڻ جي  دعوايدار بڻجي رھي آھي،اھو تھ سراسر ظلم آھي. هاري تباهه ۽ ماني سستي. ڪو  اهو به پڇي ته توهان جي ٽيڪس جي، GDP جي شرح 13 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو عزم پنهنجي جاءِ تي، پر اها 4000 ارب جي اميرن کي ڏنل ڇوٽ کي ختم ڪندي اوھان کي ڇو غشي جا دورا پئجي رھيا آھن. ايس آءِ ايف سي، جي ون ونڊو آپريشن جي نالي تي جيڪا سيڙپڪاري جي برسات پوڻي هئي، ان کي ڪٿان بھ ڪو ڦڙو بھ ملي سگھيو آھي.

جڏھن تھ ان جي خاطر سموري وفاقي ۽ قومي ايڪن جي آئيني ڍانچي کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي ۽ حد ته اها آهي جو. بجيٽ جي غير مقبول ذميواري فارم 47  جي مٿي مڙھي وئي آھي.رھي  قومي مالياتي ڪميشن جي مالي ورهاست، ان تي رياستي نوڪرشاھي کي مروڙ تھ ان کي پيٽروليم تي 1281 ارب رپين جي ليوي لڳائي ڪري ۽ نان ٽيڪس روينيو کي وڌائي 4850 ارب رپيا ڪري وفاقي خزاني ۾ وڌو ويو آهي. محترم شهباز شريف، بس رڳو پنج ڪم ڪري ڇڏ، 5000 رپين جو نوٽ ختم ڪري ٽي سالن وارو بانڊ ڏئي ڇڏيو. انهن سمورن وفاقي ادارن ۽ وزارتن کي ختم ڪيو وڃي جيڪي صوبائي حدن ۾ آهن. 4 هزار ارب جي ٽيڪس ڇوٽ واري رعايت واپس وٺو ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي  ڪاميابي تي پنھنجي سموري اسپيڊ لڳائي ڇڏ ۽ پاڪستان ھند لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي سربراھي نواز شريف کي سونپي وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.