بجيٽ، ڊيلي ويجز ۽ مهانگائي

تحرير: رياض ابڙو 

بجيٽ جون اٽڪلون ائين آهن جيئن گهرجي کنڊ گهٽ ڪري وري ساڳا پئيسا مصالحن تي هڻجن، يا ڪرايي ڀاڙي جا پيسا گهٽ ڪري ان مان ٻيون شيون وٺجن. حڪومت سڳوريءَ به ساڳي ڳالھه  ڪئي آهي، رڳو پيٽرول گهٽ ڪرڻ به مهانگائي ۽ سستائيءَ جون تقاضائون پوريون نه ٿو ڪري، ان ڪري ته جيستائين شين جي اگهن تي ضابطو ناهي تيستائين بجيٽ به هڪ رياستي ناانصافي ئي سمجهون. ان ڪري ته رياست جي ”رٽَ“ نه ٿي لڳي ته ڪو دوڪاندار يا واپاري ڪنهن طرح حڪومت جي نمائندن کان ڊڄندو به هجي، پر اهي واپاري ۽ دوڪاندار ته خوش ٿا ٿين جو ڪو رياستي نمائندو انهن وٽ لڙي ٿو اچي ۽ انهن کان ڪجھه  رقم جي گهر ڪري انهن کي پڪ ٿو ڏياري ته هاڻي انهن جو نالو ڪير نه وٺندو، اهي هاڻي پنهنجي پنج فٽي دوڪان کي پنجاھ فٽ ڪري سگهن ٿا، ان ڪري ته اهي ان رقم (رشوت) جي عيوض محفوظ ۽ مضبوط بڻجي ٿا وڃن. ان ڪري حڪومت هاڻي بجيٽ ۾ سستائي جون دعوائون به نه ڪري. ڇو ته ڪڻڪ سستي اگهن تي وٺڻ جي باوجود به ڪڻڪ جي اٽي جا ساڳيا ئي اگھ آهن ته پوءِ رياست جي ”رٽ“ ڪاڏي وئي ته مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي. پر هن ڀيري (۽ سدائين وانگي) رياست هڪ ڪَنُ ڇڏي ٻئي ڪنَ کي پڪڙيو آهي ڇو ته پيٽرول کڻي سستو به ڪن پر ٽيڪس ۽ يوٽلٽي جا بل وڌي پيا آهن جي 50 روپين مان هاڻي 50 هزارن تائين پڳا آهن جو ماڻهو پگهار وٺي وڃي بجليءَ وارن جي گهر ڏئي اچي، ان ڪري رڳو پيٽرول جي گهٽائڻ جو لاڀ عام ماڻهن تائين نه ٿو پڄي، جو ڪو ڪرايو ڀاڙو ئي گهٽ ٿئي يا ڪنهن صورت ان پيٽرول جو فائدو عام ماڻهن کي پڄي، پر ممڪن ناهي، ان ڪري حڪومتي عملدارن جو دعوائون ۽ ڊاڙون پوريون نه ٿيون ٿين ته مهانگائي گهٽ ٿي آهي.

مثال جي چئون ته وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ۽ 30 سيڪڙو صوبائي ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ٿي آهي پر ٽڪيس جي شرح وڌڻ ۽ لڳائڻ سان هر ماڻهو جي پگهارن تي ٽيڪس جي شرح به وڌي ٿي وڃي، جنهن سان سرڪار جي عيد کان اڳ عيد ٿي وئي آهي. پر ڳالھه  ته ساڳي ٿي بيهي جو ملازمن جون پگهارون ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻ جي ڪري ۽ يوٽليٽيءَ جي بلن جي وڌڻ جي ڪري پوريون ٿي ٿيون وڃن. اڳ ۾ اهو هيو ته گهٽ ۾ گهٽ پيٽرول جي قيمتن وڌڻ سان ماڻهن سفر گهٽ ڪرڻ شروع ڪيو هيو ۽ حڪومت ڏٺو ته ڪم ائين نه هلندو جو پيٽرول جو واهپو گهٽجي ويو ماڻهن آفيسن جي لاءِ ”پولنگ“ شروع ڪئي معني هڪ گاڏي (ڪار) ۾ پنج پنج ڄڻا ۽ واري وَٽِي سان گاڏيون پئي هلاين، جنهن جي ڪري روزاني لکين بيرل ليٽر تيل جو کاپو گهٽجي ويو هيو ۽ حڪومت پيٽرول جي مٿڪي (ٽيڪس) مان نه پئي ڪمائي سگهي. پر رياست به سياڻو ڪانءُ آهي،

انهن به ڏٺو ته جيڪي آءِ ايم ايف کان پيسا وٺجن ٿا اهي ته اريبن ڊالر آهن ۽ انهن جو وياج به ڪروڙين ڊالر ٿي ٿو وڃي، جو ان صورتحال ۾ حڪومت جي دوڪانن کي هاڻي نقصان ڏسڻو ٿو پئي. ان ڪري هاڻي واري بجيٽ ۾ رياست هر ماڻهوءَ (ملازم) جي کيسي ۾ هٿ وڌو ته جيڪي به روز جو ڪمائيندا اهي شام جو ڪم تان لهندي ئي رياست جي کيسي ۾ مڙئي ڪجھه  روپيا وجهندا، ان ڪري ته رياست جا کاٽو پٽ ادارا هاڻي رڳو ٽيڪس ڪليڪشن ئي رهي آهي ۽ رهندو ڪندو ”اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ“ به هاڻي عام جنتا جي ڳچيءَ جو ڳَهَٽُ بڻجي وئي آهي، جو جيترو عام ماڻهو نڪرڻ جو ٿو ڪري اوترو ڦاسي ٿو پئي، جو رياست وٽ اهو ڳهٽُ ”سرڪڻ پاهي“ وانگي ٿي پيو آهي، جو جيترو زور ڏبو اوترو مضبوط ٿيندو ويندو.

ان سموري ڳالھه  کي ڏسون ته هاڻي بجيٽ جو سڄو لوڊ رڳو ان غريب ماڻهو تي آهي جيڪو ننڍن وڏن شهرن ۾ هڪ ڪمري جي گهر ۾ زندگي گذاري ٿو، جنهن طبقي جا ٻار مدرسي جا رخ ٿا ڪن، جتي پوءِ اهو ٻار هڪ مخصوص مائينڊ سيٽ جي زندگي گذاري ٿو. اهو ٻار انهن مدرسن ۾ هوندي ڄڻ ڪنهن بورڊنگ اسڪول ۾ پڙهندو هجي، پوءِ جيڪو ٿيو، معني اهو ٻار ڌڪا ٿاٻا کائي نيٺ وڏو ٿو ٿئي، يا جيڪي ٻار ڪجھه  نه ٿا ڪري سگهن، اهي مدرسن جي حوالي ڪيا ٿا وڃن يا غربت جي چڪي ۾ پسجندي يا رياستي تعصب پرستيءَ ۽ ظلم جي ڪري اهي ٻار اهڙن مدرسن ۾ هليا ٿا وڃن پر ٻئي پاسي منينم ويجز جو حال ماڻهن جي زندگي جا رخ مٽائي ٿو ڇڏي.

وري اهو ٻيو بحث اهو به آهي ته وڏن اسڪولن جا ٻار جيڪي مهانگن ترين اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ خاص فوجي اسڪولن يا وري ٻاهرين ملڪن مان لکين ڊالرن ۾ پڙهي اچي وري هتان جي اليٽ ڪلاس ۽ رولنگ ڪلاس جا حصا ٿا ٿين. پر غريب ماڻهو مينيم ويجز ۽ گهٽ ڪمائي جي ڪري وڏن شهرن سميت هاڻي ته ننڍن ننڍن شهرن ۾ انهن معصوم ٻارن کي هوٽلن تا بيرياگيري ۾ اڇلي ٿا ڇڏن، جيڪي روز جا پنجاھ سو کڻي ٿا اچن، جنهن سان انهن غريب ماڻهن جي ”لِوِنگ ڪاسٽ“ نڪري ٿي، جنهن سان اهي ٻارن ڄڻڻ جي مشين هلائي ٿا ويهن ڇو ته انهن جي نظر ۾ ٻارن جي گهٽ هجڻ، پلاننگ ڪرڻ يا فيملي کي گهٽ ڪرڻ گناھ سمجهيو ويندو آهي، ڇو ته هر ٻار پنهنجو نصيب پاڻ سان گڏ کڻي ٿو اچي، ان ڪري جيترا ٻار ڄڻن ته پيا ڄڻن، پوءِ اهي ٻار هلي هلي جيڪي ٿيا، اهو انهن جو نصيب. ڇو ته حڪومت انهن ماڻهن جي حالت ان ڪري به نه مٽائيندي يا چينج ڪرڻ نه ٿي چاهي، جنهن ۾ انهن کي اسڪولنگ کان وٺي صحيح پڙهائي، صحيح تربيت، مهل سان ڀلا هنر يا ڪو ڌنڌوڌاڙي نوڪري ڏيڻ ۽ عام ماڻهن کي ڪنهن ڪم ڪار جهڙو ڪرڻ به حڪومت جو فرض آهي ان ڪري ته رياست ٽيڪس ٿي وٺي. پر هتي شيون مختلف آهن هڪڙا اهڙا جيڪي پڙهي به ڪجھه  نه ٿا ڪري سگهن، وري ڪجھه  اهڙا به آهن جيڪي بغير پڙهڻ جي ڪجھه  اسڪلز وٺي پنهنجي لونگ ڪاسٽ ڪڍي ٿا وٺن. انهن ٻارن ۾ گهڻائي انهن جي به آهي جيڪي ”ڇوٽو“ بڻجي گيريجن ۽ موٽرسائيڪلن جي دوڪانن تي ڪم ڪري بنا پڙهائي جي قسمت جي آسري اسڪلز وٺي ٿا وڃن، پوءِ حڪومت جي انڪم سپورٽ ۽ احساس پروگرام ۽ منيمم ويجز جا ڊارما رڳو ماڻهن جا ساھ ٿا سڪائن.

ٻي حقيقت اها به آهي ته وفاقي ادارن ۾ پگهارن جا پيڪيج گهڻا ٿا ٿين ۽ صوبائي ادارن جون پگهارون گهٽ ٿيون ٿين. وري اهي راز به سمجھجن ته ماڻهو جڏهن عمر ۾ وڌي ٿو ته ان جي زميوارين ۾ واڌ ٿي اچي، ڇو ته بنيادي پگهار جيڪڏهن 32 هزارن کان شروع ٿئي ٿي (جيڪا هاڻي 37 هزار ڪئي اٿن) جنهن ۾ اهو طبقو آهي جنهن طبقي جي ماڻهن جا ٻار سرڪاري اسڪولن جي آسري پڙهن ٿا، اهي ماڻهو پوءِ ڪچن پڪن گهرن ۾ رهن ٿا،

اهي ڏتڙيل ماڻهو پوءِ مِينهن ۽ جُهڙي ڦڙي ۾ حڪومتي امدادن جي آسري زندگي ٿا گذارن. حيرت اها به آهي ته انهن ميمم ويجز وارن ماڻهن جي پگهارن ۾ به ائين واڌ نه ٿي ٿئي جيئن ٻين طبقن جي ماڻهن جي پگهار ۾ واڌ ٿئي ٿي. پر اها ڳالھه  وڏي ڳڻتيءَ واري لڳندي آهي (کڻي انٽرنيشنل اهي ٽرينڊ به هجن) ته هڪ اهڙو ملازم طبقو جن کي 80 ۽ 90 واري ڏهاڪي دوران يا ان کان اڳ آئوٽ سورس نه ڪندا هيا، معني اهي ملازم به ٻين سرڪاري ملازمن وانگي پگهار جي سيڪڙي وڌڻ، بونس ملڻ، عيدن جي خرچين ملڻ، يا ادارن جي پرافٽ بونس ملڻ جي آسري ۾ نوڪري ڪندا هيا، پر هاڻي ائين ناهي. هاڻي کڻي بين الاقوامي سوچ ۽ ٽرينڊ تحت اها ڳالھه  صحيح به هجي ته جيڪي به هيٺئين طبقي وارا ماڻهو آهن، اهي سموري زندگي ائين ئي رهندا ۽ اهي پنهنجو طبقو مٽائي نه سگهندا. معني جيڪڏهن ڪو ملازم آفيس بواءِ آهي ته سڀاڻي تائين اهو آفيس بواءِ ئي رهندو، جيڪڏهن ڪو گارڊ آهي يا ڪو پٽيوالو آهي يا جيڪي ميمم ويجز جي زمري ۾ اچن ٿا اهي سڀاڻي تائين ائين ئي رهندا. انهن کي ٻين سرڪاري ملازمن وانگي ڪي به مراعات ۽ لوازمات نه ملنديون،

معني ان هيٺئين ۽ متوسط طبقي کي غريب ئي رهڻ ڏنو ويندو. مثال جيڪي ماڻهو سرڪاري اسڪولن مان پڙهي نڪرن به ٿا اهي پوءِ فوج پوليس يا ننڍين ننڍين سرڪاري نوڪرين جي آسري رهي رهي جي ڪجھه  نه ٿا ٿي سگهن ته اهي وري منيمم ويجز جي دائري ۾ اچي ٿا وڃن، معني جيڪي ادارن ۾ سيڪيورٽي گارڊ، پٽيوالا (جن کي هاڻي ڪيٽيگرائيز ڪيو ويو آهي، معني اهي هاڻي ٽي بواءِ به آهن، ميسينجر به آهن، صفائي وارا به آهن، ڊرائيور به آهن، آئوٽ ڊور ڊڪ ڊوڙ به ڪن ٿا، چوڪيداري به ڪن ٿا) وري ساڳي ويجز جي زمري ۾ مزدور به اچن ٿا جيڪي وري هر طرح جا ڪم ڪن ٿا. ڪجھه  ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي ريڙهي هڻي مختلف ڪاروبار به ڪن ٿا، پر اهي غريب طبقا به اهڙي گهراڻي جي پالنا ٿا ڪن، جيڪي اڳتي هلي ڪو اليٽ ڪلاس نه ٿا ٿين. اڳي گهٽ ۾ گهٽ اهو هيو ته غريب جو ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ مفت ۾ پڙهي به اڳتي هلي ڪا سرڪاري نوڪري وٺي ڪا سک جي زندگي گذاريندو هيو پر هاڻي ٽرينڊ چينج ٿي ويا آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.