سماج ۾ وحشت جو راڄ،حيدرآباد ۾ بي زبان جانور گڏهه جون ڄنگهون ڪٽيون ويون

کٿڙ(رپورٽ: ناصر علي) کٿڙ ڀرسان سيري ٿاڻي جي حد ملنگ هوٽل پويان ٻن گڏهن جي پاڻ ۾ وڙهڻ تان هڪ گڏهه مالڪ ٻئي گڏهه کي ڪهاڙيون هڻي ان جون ٻه ڄنگهون ۽ نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو. سيري پوليس گڏهه  کي زخمي ڪندڙ شخص کي گرفتاري ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته وحشي شخص نالي مير رند جيڪو گڏھ گاڏي هلائي گذرسفر ڪندو آھي. سندس گڏھ ۽ هڪ ٻيو گڏھ پاڻ ۾ وڙھي پيا. جنهن تان مير محمد ڪاوڙ ۾ اچي بي زبان جانور گڏھ کي بي دردي سان ڪهاڙيون هڻي ان جون ٽنگون وڍيون ۽ ان جو نازڪ عضوو به ڪٽي گڏهه کي ملنگ هوٽل پويان اڇلائي هليو ويو. جيڪو درد مان تڙپندو ۽ دانهون ڪندو رهيو. اهڙي واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ سيري ٿاڻي جي ايس ايڇ او ارسلان چنه ڪارروائي ڪندي واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايس ايڇ او گڏهه جو ذاتي خرچ تي علاج ڪرائي رهيو آهي. پر گڏهھ جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. جوابدار کي ڪنزيومر ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت کيس ناراجيل موڪلي ڇڏيو. علائقي واسين گهر ڪئي آهي ته بي زبان جانور تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ شخص کي سخت سزا ڏني وڃي.

  1. اُٺ جي ٽنگ وڍڻ واري ڪيس ۾ جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي

سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگھڙ ۾ ظالم زميندار پاران اٺ جي ٽنگ وڍڻ واري ڪيس ۾ مئجسٽريٽ 2 شهدادپور آصف علي سيال  الزام هيٺ آيل پنجن جوابدارن کي چئن ڏينھن جي رمانڊ تي موڪلي ڇڏيو، ياد رهي ته سانگهڙ ويجھو فصل جي ڀيل تان ھڪ ڳوٺاڻي جي اٺ جي ٽنگ وڍي وئي جنھن جي خبر  ميڊيا تي اچڻ بعد ان واقعي جي وزير اعلي ٰسنڌ ، گورنر سنڌ سميت سڄي ملڪ مان افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ جنھن بعد پوليس ان ڪيس ۾ پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڇڏيو پوليس موجب گرفتار ٿيل ٻن ڄڻن ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪري ورتو ھو اھڙو ڪيس مئجسٽريٽ 2 شهدادپور آصف علي سيال آڏو پيش ٿيو جنھن جي عدالت سڳوري پنجن جوابدارن کي چئن ڏينھن جي رمانڊ تي اماڻي ڇڏيو.

  1. ظلم جو شڪار ٿيل اُٺ ڪراچي منتقل، علاج شروع

سانگهڙ (ڊ ر) ظلم جو شڪار ٿيل زخمي اُٺ کي سانگهڙ کان ڪراچي منتقل ڪري ان کي اينيمل سينچري ۾ علاج جي سهولت ڏني پئي وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان ايم اين اي شازيه مري چيو آهي ته ڪوشش آهي ته اٺ کي هٿرادو ڄنگهه لڳي ان لاءِ مختلف ڪمپنين سان رابطي ۾ آهيون. پ پ ترجمان وڌيڪ چيو ته افسوسناڪ واقعي جي خبر ٻڌي انتهائي ڏک ٿيو، جنهن کانپوءِ تڪڙا قدم کڻي ان جي حياتي بچائي وئي. هن چيو ته هن واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ٻئي طرف سينيٽر قرة العين مري چيو ته اسان ڊاڪٽرن جي ٽيم کي گهرائي اُٺ کي حفاظت ۾ وٺي ان جي سنڀال شروع ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بي زبان جانور سان ٿيندڙ ظلم تي آواز اٿارڻو پوندو. پ پ سينيٽر وڌيڪ چيو ته اُٺ جي مدد ڪندڙ هر شخص هيرو آهي. پ پ اڳواڻ تيمور مهر چيو ته اسان سينيٽر قرة العين مري، ايم اين اي شازيه مري، ڊي سي سانگهڙ عمران الحسن خواجا، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمنٽ ڊاڪٽر اڪبر مري جا ٿورائتا آهيون، جن اٺ کي گهر ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي.

  1. وڏيري جي پارٽي  جو  نالو ڪو ته ٻڌائي؟ حامد مير

اسلام آباد : صحافي حامد مير سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته ”جڏهن هڪ اُٺ بااثر وڏيري جي زرعي زمين ۾ داخل ٿيو ته وڏيري  کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ پنهنجي ملازمن سان گڏجي اُٺ کي پڪڙي تشدد جو نشانو بڻايو. پوءِ به ڪاوڙ ٿڌو نه ٿيو ته هن ڪهاڙيون هڻي اُٺ جي ٽنگ ڪٽي ڇڏي. ميڊيا ۾ هلندڙ خبرن ۾ وڏيري توڙي وڏيري جي پارٽي جو ڪو به ذڪر يا نالو نه ٻڌايو ويو آهي.هن وڌيڪ لکيو ته وڏيري يا وڏيري جي پارٽي جو ڪو نالو ته ٻڌائي،  صحافي عاصمه شيرازي لکيو ته ظلم اهڙو ٿيو آهي جنهن جي مذمت جا لفظ به غائب آهن. جتي ماڻهو نه بچندا اتي جانور ڪيئن بچندا، خدا انصاف ڪري.

  1. اٺ جي علاج لاءِ ماهرن کان صلاح ورتي پئي وڃي: سائره جهانگير

اسلام آباد (م ڊ)سي ڊي آر ايس بينجي پروجيڪٽ فار اينيمل ويلفيئر جي ڊائريڪٽر سائره جهانگير جو چوڻ آهي ته اُٺ جي علاج لاءِ دبئي جي ماهرن کان صلاح ورتي پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته هن مسئلي جو "مستقل حل هڪ مصنوعي ٽنگ آهي،”  اُٺ وڏو جانور هجڻ سبب 3 ٽنگهن تي گهمي ڦري نه  سگهندي ۽ مسلسل ويهڻ سبب اُٺ جي حياتي کي خطرو ٿي سگهي ٿو جنهن سببب ان کي مسلسل بيهارڻ گهرجي.

  1. اٺ جو مالڪ جوابدارن جي نشاندهي نه پيو ڪري: فلاحي ادارو

ڪراچي (رپورٽر) فلاحي تنظيم شيلٽر اينمل جي مئنيجر چيو آهي ته متاثر اُٺ جو مالڪ جوابدار جي سڃاڻپ نه پيو ڪري. هن  چيو ته ايف آءِ آر ان لاءِ اڻڄاتل ماڻهن خلاف  داخل ڪئي وئي آهي، اُٺ جي مالڪ کي معاوضو ادا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اُٺ تمام گهڻو ڊنل آهي، صبح کان کاڌو ناهي کاتو،اُٺ جي صحتيابيءَ کانپوءِ مصنوعي ٽنگ بابت فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته هو هڪ ڪمپني سان رابطو ڪري رهيا آهن جيڪا دبئي ۾ اٺن لاءِ مصنوعي ٽنگون ٺاهيندي آهي.

  1. جانورن تي ظلم ۽ جبر جي روڪٿام لاءِ قانون موجود،سزائون ۽ ڏنڊ انتهائي گهٽ

اسلام آباد: پروبيشن آف ڪرولٽي ٽو اينيملز ايڪٽ  1890 تحت اُٺن تي تشدد ڪرڻ به ڏوهه آهي.هن قانون موجب جيڪڏهن ڪنهن به جوابدار مٿان پهريون ڀيرو ڏوهه ثابت ٿئي ٿو ته ان کي ڏنڊ ۽ قيد جي سزا ٻڌائي ويندي جڏهن ته جيڪڏهن هو اهو ڏوهه ٽن سالن جي عرصي اندر ٻيو ڀيرو ڪندو ته کيس وڌيڪ ڏنڊ ۽ قيد جي سزا لڳائي ويندي.

  1. انصاف جي  گهرج آهي ته جوابدار جي به هڪ ٽنگ ڪٽي وڃي: سوشل ميڊيا

اسلام آباد: سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي علي اڪبر گنجل لکي ٿو ته هي اهي ظالم ماڻهو  آهن جن بي زبان اُٺ جي ٽنگ ڪٽي ڇڏي آهي. "انصاف جو تقاضو اهو آهي ته جوابدار جي به هڪ ٽنگ ڪٽي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.