اسلام آباد (م ڊ) ايف بي آر جي چيئرمين زبير امجد ٽوانه چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 36 لک پرچون فروش رڳو 4 کان 5 ارب رپيا سالياني ٽئڪس ادا ڪري رهيا آهن. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ پگهاردار طبقو ٽئڪس ذريعي قومي خزاني ۾ 375 ارب رپيا ڏئي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ايڪسپورٽر رڳو 90 کان 100 ارب رپيا ٽئڪس ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ايف بي آر پرچون فروشن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا آهن، ايندڙ مالي سال ۾ پرچون فروشن کان ٽئڪس وصولي 50 ارب رپيا ٿي ويندي. زبير ٽوانه وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف پگهاردار ۽ غير پگھاردار طبقي لاءِ هڪجهڙا ٽئڪس سليب مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪندي ريٽ 45 سيڪڙو کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جو چيو هو پر ڊگهين ڳالهين کانپوءِ آءِ ايم ايف پگهاردار طبقي لاءِ ٽئڪس جي شرح گهٽائڻ تي راضي ٿي وئي.