ڪراچي ( رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) وفاق ۽ سنڌ جي بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جعلي مينڊيٽ وسيلي جوڙيل حڪومتون ختم ڪري ملڪ ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن، اھڙن خيالن جو اظھار جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي، عرفان الله مروت فنڪشنل ليگ ھاوس ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل ميگو پارٽي ۾ شريڪ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، اڳواڻن چيو ته پاڪستان جو معاشي بحرن اڄ ڪلھه جو نه پر 20 کان 25 سال پراڻو آهي، موجوده بجيٽ مصنوعي آھي حڪمرانن جا حواس وڃائجي چڪا آھن، جي ڊي اي وفاقي ۽ صوبائي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي رد ڪري ٿي، بجيٽ ۾ عوام کي ڪو به رليف ناھي مليو، امپورٽيڊ ناڻي واري وزير وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجھه به ناھي، سنڌ ۾ ڪرپشن سبب ھر طرف تباھي لڳي پئي آھي،ڪي فور پاڻي جو منصوبو سالن کان رولڙي شڪار آھي ڪراچي جا شھري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسن پيا،سرڪلر ريلوي جو منصوبو اڃان تائين شروع ناھي ٿي سگھيو،سنڌ تي 25 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي.