پارليامينٽ ميمبرن جو رڪارڊ نادرا حوالي ڪرڻ جي تجويز رد

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٽيڪس وصولي لاءِ پارليامينٽ ميمبرن جو رڪارڊ نادرا حوالي ڪرڻ جي  تجويز رد ڪري ڇڏي.سينيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيئرمين ايف بي آر چيو ته ايس آءِ ايف سي نادرا کي ڊيٽا فراهم ڪرڻ لاءِ چيو آهي. ان تي سينيٽر انوشا رحمان چيو ته نادرا جي ڊيٽا محفوظ ناهي.ان کان سواءِ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي پگهارن جي سليب ۾ گهٽتائي ۽ ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي نان فائلرز جي فون ۽ انٽرنيٽ تي 75 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس جي به منظوري ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.