سنڌ جي 2300 ارب رپين جي بجيٽ اڄ پيش ٿيندي، ترقياتي منصوبن لاءِ 725 ارب رکڻ جو امڪان

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ايندڙ مالي سال 25-2024 جي تقريبن 2 هزار 300 ارب رپين جي بجيٽ اڄ پيش ڪندي، سنڌ ڪابينا به اڄ ئي بجيٽ جي منظوري ڏيندي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ  ڪابينا جو اجلاس اڄ 14 جون تي صبح جو 9 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ بحث کانپوءِ بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي، ان کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شام 4 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ بجيٽ پيش ڪئي ويندي، ذريعن موجب سنڌ جي مجموعي بجيٽ جوڪاٿو 2300 ارب رپيا آهي،جنهن ۾ ترقياتي بجيٽ لاءِ 725 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکڻ جي تجويز شامل آهي. پ پ سرڪار بجيٽ ۾ چونڊ منشور تي فوڪس ڪندي، جنهن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي وارن منصوبن لاءِ وڏي رقم رکڻ جي تجويز آهي. بجلي جي 300 يونٽ تائين مفت فراهم ڪرڻ واري تجويز تي عمل لاءِ به زور ڀريو ويو آهي. ذريعن موجب عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ بجلي جا مخصوص يونٽ فري ڪري سگهجن ٿا. جڏهن ته نئين ترقياتي اسڪيمن بدران جاري ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي به تجويز شامل آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ محدود نيون ترقياتي اسڪيمون آڻڻ جي تجويز به آهي، سنڌ جي بجيٽ ۾ نيون ٽئڪسون لڳائڻ ۽ ڪجهه ٽئڪسن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جا به امڪان آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.