ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ گذريل سال انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري رهيون، 2023ع دوران سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري رهيون. انساني حقن جي ڪميشن رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. 2023 دوران مختلف ضلعن مان ڪيترائي اهڙا 175 اهڙا ڪيس رپورٽ ٿيا. جن ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون ويون. اقليتي برادري خلاف ڏاڍ، تشدد ۽ جبري مذهبي تبديلي جا واقعا جاري رهيا. ڪراچي پريس ڪلب ۾ انساني حقن جي ڪميشن پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته 2023ع ۾ انساني حقن جي صورتحال جي حوالي سان انساني حقن واري ڪميشن جي سالياني رپورٽ ۾ امن امان جي بگڙندڙ صورتحال تي پريشاني جو اظهار ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين، شهرين جي تحفظ، ڏوهن ۽ اهڙن قسم جي 11سيڪڙو وارداتن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويوآهي ته ردل عمل طور سنڌ پوليس پاران رينجرز ۽ فوج جي مدد سان ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف وڏي پيماني تي ڪارروايون ڪيون ويون. شهري آزادين ۽ بنيادي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿينديون رهيون. 9 مئي جي وڳوڙن دوران ڪيترن ئي سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو. سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل سميت پي ٽي آءِ جي 25 کان وڌيڪ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، رياست جي سخت ڪريڪ ڊائون ۾ سياسي ڪارڪنن، قومپرستن، وڪيلن ۽ صحافين جي جبري گمشدگين جو جيڪوسلسلو شروع ٿيو اهو اڃان تائين جاري آهي. 2023 دوران مختلف ضلعن مان ڪيترائي اهڙا 175 اهڙا ڪيس رپورٽ ٿيا. جن ۾ وڌ کان انساني حقن جي لتاڙ ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون ويون. سڪرنڊ ويجهوڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي عدالت کان مٿاهين ڪارروائي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا. سنڌ ۾ڪمزور طبقن جي حقن جي لتاڙ ڪئي وئي، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ به واڌارو ٿيو وفاقي حڪومت پاران ”غير قانوني“ پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ بعد افغان پناهگيرن ۽ مهاجرن کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪيو ويو. بدقسمتيءَ سان سنڌ جي سول سوسائٽي ان معاملي تي واضح طور تي پنهنجي موقف ۾ ورهايل نظر آئي، جنهن ۾ سول سوسائٽي جو هڪ وڏو حصو حڪومتي پاليسيءَ جي حمايت ڪري رهيو هو. عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جو سلسلو جاري رهيو. 2023ع دوران ٻارن سان زيادتي جا 546 ڪيس رپورٽ ٿيا. جيستائين پورهيتن جي حقن جو تعلق آهي ته هنرمند مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر ان تي به عمل درآمد نه ٿي سگهيو. مذهبي اقليتن خاص ڪري هندن ۽ احمدين جي عبادت گاهن تي حملن ۽ جبري مذهب مٽائڻ جا به اطلاع ملندا رهيا آهن، جڏهن ته متاثر اقليتي برادرين اڪثر ڪري انهن ظلمن جي خاتمي لاءِ احتجاج ڪيو. هڪ مثبت تبديلي ٿي ته، سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمون ڪيون ويون، جنهن ۾ ميونسپل ڪارپوريشنز جي ميئر ۽ سربراهن جا اختيار وڌايا ويا. ٻي وڏي ترميم تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لوڪل ڪائونسلن ۾ٽرانس جينڊرس (خواجه سرا) لاءِ مخصوص سيٽن کي شامل ڪري خواجه سرائن کي نمائندگي ڏني وئي. جنهن سان هن ڪميونٽي جي نمائندگي، اهميت ۽ حقن کي مضبوط ڪيو ويو. تنهن هوندي به رياست سنڌ جي ڪمزورطبقن جي بنيادي حقن جي تحفظ ۽ امن امان جي بحاليءَ لاءِ جاري ڪوششن ۾ دير ڪرڻ بجاءِ ان لاءِ عملي بنيادن تي تڪڙو ڪردار ادا ڪري.
HRCP Sindh Armyoperations HumanRights