لاهور (جاويد چوڌري + م ڊ) سرگوڌا جي دهشت گردي جي خاتمي واري عدالت جي جج انڪشاف ڪيو آهي ته مقرري دوران پيغام مليو ته آءِ ايس آءِ جو ڪو ماڻهو ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سرگوڌا جيدهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جي خط تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي. جج محمد عباس جي عدالت ۾ تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي اڳواڻن تي 9 مئي جي مبينا پرتشدد واقعن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ٻڌڻي کانپوءِ لکت ۾ حڪم ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار 7 جون تي سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد عباس کان خاص رپورٽ حاصل ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ٻڌڻي کانپوءِ لکت ۾ حڪم ڏنو ته 7 جون تي سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد عباس جي طرفان ٻڌڻي ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي خاص رپورٽ ملي وئي. ان رپورٽ ۾ جج محمد عباس چيو ته هن سال 25 مئي تي جڏهن هن پنهنجي عهدي جي چارج ورتي ته کيس پيغام مليو ته آءِ ايس آءِ جو ڪو ماڻهو ساڻس سندس چيمبر ۾ ملڻ چاهي ٿو. پر جج جي مطابق، هن انهن سان ملڻ کان انڪار ڪيو. جج جي گهر ڀاتين ٻڌايو ته ڪجهه نامعلوم ماڻهن بهاولپور ۾ سندس پراڻي گهر جو گيس ميٽر خراب ڪري ڇڏيو آهي. جج کي اهو گهر الاٽ ڪيو ويو جڏهن هو اتي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جو جج مقرر هو، سندس خاندان به ساڳئي گهر ۾ رهندو هو. پنهنجي پوسٽ ۾ جج محمد عباس چيو ته سندس خاندان جو گذريل مهيني جو بجلي جو بل تمام گهڻو وڌيڪ آيو ۽ گهر ڀاتين کان اضافي پئسا به ورتا ويا. جج موجب بل بظاهر جعلي هو ۽ ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته اهو بل ”آءِ ايس آءِ ۽ واپڊا عملدارن جي ملي ڀڳت سان جاري ڪيو ويو. جج موجب سندن خاندان جي ميمبرن کان سندن باري ۾ ذاتي معلومات پڇڻ تي کين هراسان ڪيو ويو. جج پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ته 6 جون تي 2 لڳي 15 منٽن تي سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي دروازي وٽ گاڏين ۾ سوار نامعلوم ماڻهن اليڪٽرڪ ٽرانسفارمر تي فائرنگ ڪئي. ان وقت جج صاحبان عدالت ۾ موجود هئا. ان واقعي جي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي. جج محمد عباس جي رپورٽ موجب اهي ٻئي گاڏيون ڊي پي او آفيس وٽان آيون. جج موجب انهن گاڏين ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر خراب ٿي ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج محمد عباس پاران موڪليل رپورٽ ۾ خراب ٿيل ٽرانسفارمر جون تصويرون به شامل ڪيون ويون آهن. ان وقت جج صاحبان عدالت ۾ موجود هئا. ان واقعي جي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي. جج محمد عباس جي رپورٽ موجب اهي ٻئي گاڏيون ڊي پي او آفيس وٽان آيون لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته جج محمد عباس 10 جون تي رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ کي هڪ ٻي رپورٽ موڪلي هئي. هن رپورٽ موجب گرفتاري کانپوءِ 19 اپيلون 10 جون تي سندس عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون، جڏهن ته 9 ڪيسن جي ٽرائل اڃا التوا ۾ هئي، پر ٽرائل الرٽ جي نالي تي عدالت پاڻ کي بند ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ فائرنگ جي افسوسناڪ واقعي تي آءِ جي پنجاب، آر پي او سرگوڌا ۽ ڊي پي او سرگوڌا کي ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو هو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آءِ جي پنجاب عثمان انور کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪهڙي قانون تحت عدالت بند ڪئي؟ توهان ماڻهن کي آئيني حقن کان روڪيو آهي، توهان عدالتن جو احترام ڪيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي جي توهان جو ڪهڙو موقف آهي؟ آءِ جي سنڌ چيو ته هي معاملو وڏي اهميت ۽ عدليه جي آزادي جو آهي. سائين، توهان کي هڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي جيڪا انتهائي حساس ۽ رازدارانه آهي. آءِ جي چيو ته اسان کي اتان گولين جا 17 خول مليا آهن. اسان معاملو سي ٽي ڊي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي پنجاب توهان هن وقت تائين ڪهڙي شخص کي گرفتار ڪيو آهي؟ آءِ جي چيو ته اسان کي جيو فينسنگ جي اجازت ڏيو، جيو فينسنگ ڪنداسين ۽ توهان کي رپورٽ ڏينداسين.عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪهڙي قانون تحت اصيلن ۽ جج کي دهشت گردي ٽوڙ عدالت وڃڻ کان روڪيو،آءِ جي جواب ڏنو ته قلم 144 لاڳو هو، ٿريٽ الرٽ هو، جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته پوءِ ته سڄي ملڪ جون عدالتون بند ڪري ڇڏيون،سڄي ملڪ ۾ ئي ٿريٽ الرٽ آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 14 جون 2024ع تي شايع ٿيو
ISI Judiciary Meet Massage