اسلام آباد(عمر چيما+منصور علي خان) اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي ڌمڪيون ڏيندڙ ملڪ رياض پنهنجي مفادن جو ئي نگهبان نڪتو، عمران خان سان وري دوکو ٿي ويو، ملڪ رياض پنهنجو ڪاروبار بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، بشريٰ بي بي جي ڀيڻ مريم رياض وٽو ٽوئيٽ ڪيو آهي ته افواهه آهن ته دبئي ۾ ملڪ رياض ۽ صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ڊيل ٿي وئي آهي،زرداري ملڪ رياض کي ٽريپ ڪري ورتو آهي، خبر اها پئي آهي ته راولپنڊي ۾ بحريا ٽائون جي آفيسن تي ڇاپا منصوبي جو حصو هو،اهو ملڪ رياض جو ئي منصوبو هو، جيڪي فائل کنيا ويا آهن اهو به سڄو ڊرامو هو،نواز کوکر جو فرنٽ مين حسن مغل القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ واعدا معاف گواهه بڻجي ويو آهي، اهي سڀ شيون ملڪ رياض جي سرپرستي ۾ ٿي رهيون آهن، ان سان گڏ انٽريئر ڊيڪوريٽر رشيد به واعدا معاف گواهه بڻجندو،فاروق نائيڪ انهن جو وڪيل بڻجندو،ذريعن موجب ملڪ رياض عوام ۾ اهو ظاهر ڪندو ته اهي ماڻهو ته منهنجا هئا پر اسٽيبلشمينٽ انهن کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي،هڪ ٻئي باخبر صحافي ٻڌايو ته ملڪ رياض اڳ ئي ۾ واضح ڪيو هو ته بحريا ٽائون پنڊي جي آفيسن تي نيب جون چڙهايون ٿينديون،ميڊيا هائوسز کي ملڪ رياض پاڻ ئي نيب چڙهائي جون وڊيوز موڪليون هيون.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 14 جون 2024ع تي شايع ٿيو
AsifAliZardari ImranKhan MalikRiaz