13 ڪمپنين کان مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ سهولتن بابت پڇاڻو،رپورٽ رد

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي ضلعي اندر ھوا مان بجلي پيدا ڪندڙ ادارن پاران سي ايس آر فنڊ مقامي سطح تي استعمال نه ٿيڻ توڙي معاھدي تحت ٺٽي کي بجلي فراھم نه ڪرڻ بابت 2 ڏينھن اڳ عوامي آواز ۾ شايع ٿيل خبر جو ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو نوٽيس وٺندي ڪوھستاني پٽي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي انتظاميا کي رپورٽ سميت ڊي سي آفيس گھرائي ورتو. ڊي سي ٺٽو جي صدارت ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ بجلي پيداوار، سي ايس آر فنڊ ۽ مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيڻ جي حوالي سان پڇاڻو ڪيو ويو. غير مقامي ملازمن جي فھرست، مَقامي علائقن جي ترقي تي خرچ جي حوالي سان ڪارڪردگي رپورٽ طلب پڻ ڪري ورتي. ٺَٽي ضلعي اندر 3000 کان وڌيڪ ميگاواٽ بِجلي پيدا ڪندڙ ونڊ ڪوريڊور جي انتظاميا خلاف مقامي ماڻھن کي روزگار ۾ نَظر انداز ڪرڻ، سي ايس آر فنڊ علائقي جي ترقي تي صحيح نموني خرچ نه ڪرڻ سميت ٻين شڪايتن بعد ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو کين طلب ڪيو، ڊي سي ٺٽو جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي ۾ 13 ڪمپنيز جي انتظاميا شرڪت ڪئي. ڊي سي پاران پيدا ٿيندڙ بجلي، سي ايس آر فنڊ، مقامي ماڻھن جي روزگار جي حوالي سان کانئن پُڇاڻو ڪيو. ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو چيو ته عيد بعد ٻيھر گڏجاڻي طلب ڪئي وئي. جڏھن ته بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنيز جي انتظاميا پاران پيش ڪيل ڪارڪردگي رپورٽ کي ڊي سي ٺٽو رد ڪندي عيد بعد زميني حقيقتن جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. هوڏانهن جسقم يونٽ جھمپير پاران ونڊ انرجي ڪمپنين پاران معاھدن تي عمل نه ڪرڻ واري عمل خلاف 16 جون تي جھمپير شھر ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ جسقم اڳواڻن اسد گوپانگ، سلطان شورو، رشيد درس، گل محمد شورو ۽ ٻين ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته جھمپير ۽ ان جي ڀرپاسي قائم ملڪي توڙي غير ملڪي ڪمپنين پاران مقامي ماڻھن کي روزگار سميت بنيادي سھولتون نه ڏيڻ خلاف 16 جون آچر جي ڏينھن جھمپير ۾ موجود سمورين ونڊ ڪمپنين خلاف جھمپير شھر ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.