غوثپور( رپورٽ عبدالجبار اوڳاهي)غوثپور ڀرسان ڀيا برادري جي ٻن ڌرين وچ پراڻي ڪارنھن تڪرار جو نبيرو سھراب ڀيو، نور حسن ڀيو، ستار ڀيو جي سرپئنچي ھيٺ ٿيو نبيرو خادو ڀيو جي اوطاق تي ڪيو ويو.اٺن سالن کان ڀيا برادري جي ڌر استاد مريد ڀيو ۽خادم ڀيو جي ٻن ڌرين ۾ڪارنھن تڪرار ھلندڙ ھو ڪارنھن تڪرار جو ڏوھ استاد مريد ڀيو تي ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي سندس ڌر مٿان هڪ ڪڙو 8لک 50 ھزار ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ڏوھي ڌر 3لک موقعي تي ڌر خادم ڀيو کي ادا ڪيا بقايا رھيل رقم ڏوھي ڌر 5 قسطن ۾ادا ڪندي نبيري بعد نبيري جي چڱن مڙسن ٻنھي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.