سنڌ ۾ صحافين ۽ استادن کي هڪ منصوبي تحت قتل ڪيو پيو وڃي: لال جروار

ميرپورماٿيلو (رپورٽ پريم راٺوڙ)ميرپور ماٿيلي ۾ 23 ڏينهن اڳ شھادت ماڻيندڙ صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان مرڪزي اڳواڻ  صدر لال جروار ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، اظھار دائود پوٽو، حاڪم جتوئي، راھب ملاڻو ۽ توحيد احمدسميت ٻين تڏي تي پھچي وارثن سان عذرخواھي ڪئي ۽ چيو ته عوامي تحريڪ طرفان صحافي جي وارثن کي ڀرپور سياسي ۽ قانوني مدد جو يقين ڏياريو ٿا. جنهن بعد عوامي تحريڪ جو وفد ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب ميرپورماٿيلو پھچي ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته نصرالله گڏاڻي جو قتل آزاد صحافت جو قتل آهي، ڪروڙين ماڻهن جي آسن ۽ امنگن جو قتل آهي، اظهار جي آزاديءَ جو قتل آهي. هنن چيو ته نصرالله گڏاڻي، جان محمد مھر، پروفيسر اجمل ساوند، صحافي اجي لالواڻي، استاد الھ بخش نندواڻي سميت سنڌ ۾ فرض شناس صحافين ۽ استادن کي قتل ھڪ منصوبا بنديءَ سان ڪيو پيو وڃي، صحافين ۽ استادن کي قتل ڪرڻ سنڌ جي شعور کي قتل ڪرڻ برابر آھي.قانون جا ڊگھا ھٿ قاتلن تائين نٿا پھچن. سنڌ ۾ صحافين جي قتل عام، ڌاڙيل راڄ ۽ لاقانونيت تي سپريم ڪورٽ جي خاموشي افسوسناڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.