اسلام آباد(م ڊ) سوشل ميڊيا تي پگهاردار طبقو ٽيڪسن جي ڀرمار تي احتجاج ڪندي نظر اچي رهيو آهي ۽ ماڻهو حڪومت خلاف روڊن تي اچڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.محمد اسامه نالي هڪ صارف لکيو ته ايندڙ سال فيبروري ۾ جڏهن سندس پگهار ۾ واڌ ڪئي ويندي ته ان جي پگھار ساڳي هوندي، جيڪا هاڻ ٽيڪس ڪٽجڻ کانپوءِ آهي.هڪ ٻئي صارف لکيو ته ”گهٽ پگهار ۾ گهٽ پئسن جو ڏک، وڏي پگهار ۾ ٽيڪسن جو ڏک، سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي ماهوار پگهار واري سلپ به شيئر ڪئي ۽ سوال ڪيو ته حڪومت صرف پگهاردار طبقي کي ڇو نشانو بڻائي رهي آهي؟معاشي معاملن تي رپورٽنگ ڪندڙ صحافي شهباز راڻا لکيو ته پگھاردار طبقي کي حڪومت جي اهڙي فيصلي خلاف احتجاج ڪرڻ گهرجي.هن وڌيڪ لکيو ته ”هاڻي صرف ٻه آپشن آهن ته پنهنجي پگهار نقدي وٺو يا پاڪستان ڇڏي وڃو.ٽيڪس ماهر ذيشان مرچنٽ صحافي تنوير ملڪ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جيڪڏهن ٽيڪس جي شرح کي عام طور تي سمجهيو وڃي ته 75000 رپيا مهينو ڪمائڻ وارو شخص سال ۾ 9لک رپيا ڪمائي ٿو.هن کي هلندڙ مالي سال ۾ اڍائي سيڪڙو جي شرح سان 7500 رپيا ۽ ايندڙ مالي سال ۾ 5 سيڪڙو جي شرح سان 15000 رپيا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻا پوندا هن چيو ته حڪومت ٽيڪس جي شرح وڌائي پگهاردار طبقي سان ظلم ڪيو آهي ڇو ته هي شعبو ٽيڪس ادا ڪري ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس جي بار کي منهن ڏئي ٿو.