بڊاڻي (رپورٽ: مقبول مڙل) بڊاڻي مياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ فيض محمد ڀٽو ۾ رات دير سان نامعلوم هٿياربندن هٿان دڪان تي ستل پيرسن محمد اسحاق ڀٽو کي هٿيارن جي زور اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا، بڊاڻي مياڻي ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل مغوين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آھي، اهڙي واقعي خلاف ڳوٺاڻن جو مغوي پيرسن محمد اسحاق جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي وارثن ڀاڳيو ڀٽو، منظور احمد، لقمان احمد، استاد سائين ڏنو، علي گوهر ميراڻي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته هاڻي ته اسان گهرن به محفوظ ناهيون هر روز علائقي مان ماڻھو اغوا ٿين پيا، پيرسن محمد اسحاق اوطاق تي ستل هو، رات ديرسان نامعلوم هٿيار بند پيرسن کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا آھن، اسان هٿيار بندن جا پيرا کنيا جيڪي جي ڪچي جي علائقي مرزان پتڙ تي گم ٿي ويا، اسان اهڙو اطلاع حد جي مياڻي پوليس کي به ڏنو آھي، هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته مغوي پيرسن محمد اسحاق کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪرائي وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي مياڻي پوليس ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع مليو آهي، واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل به ورتا آھن ۽ جاچ شروع ڪري ڏني آھي.