پ پ بجيٽ بهاني حڪومت کان اهم مطالبا مڃائي ورتا

اسلام آباد (معظم فخر) پيپلز پارٽي بجيٽ اجلاس دوران سخت احتجاج کانپوءِ حڪومت کان پنهنجا اهم مطالبا مڃائي ورتا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته پيپلزپارٽي پارٽي جي ميمبرن بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، صرف ٻه ميمبر ڏيکاءَ خاطر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اهڙي صورتحال کانپوءِ وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال ۽ ٻين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ساٿين سان  ملاقات ڪري ڳالھيون ڪيون. ان دوران پيپلز پارٽي پنهنجا مطالبا رکيا ته اها وفاقي ڪابينا ۾ ان صورت ۾ شامل ٿيندا، جڏهن کين سندن مرضي جون وزارتون ملنديون. ان لاءِ انهن وزارتن تي ويٺل ماڻهن کي عهدن جي قرباني ڏيڻي پوندي. جڏهن ته پنجاب ۾ به پيپلزپارٽي کي سندن مرضي موجب وزارتون ڏنيون وڃن. ان کانسواءِ بلوچستان ۾ ن ليگ کي ڪابينا ۾ شامل نه ڪيو ويندو. اهڙا مطالبا تسليم ٿيڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي حڪومت کي خاطري ڪرائي ته اها بجيٽ سيشن ۾ شرڪت ڪندي ۽ بجيٽ منظور ڪرائڻ لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.