وفاقي بجيٽ تي ٿيندڙ جائز تنقيد مان فائدو وٺڻ گهرجي

وفاقي حُڪومت جي سال 25- 2024 جي پيش ڪيل بجيٽ تي هر سطح تي، اسيمبلي ميمبرن، ٽي وي چينلن، عام ماڻهن جي زبانن توڙي پرنٽ ميڊيا تي بحث مباحثو هلندڙ آهي. اپوزيشن جي جماعتن کان وٺي ڪري معاشي ماهرن جو پنهنجو پنهنجو نقطئه نظر ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. جيترا آهن وات اوتريون آهن ڳالهيون. مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ جماعتون ته ظاهر آهي ته روايتي طور تنقيد براءِ تنقيد تحت بجيٽ جي مخالفت ئي ڪري رهيون آهن پر موجوده وفاقي حڪومت جي سڀ کان وڏي اتحادي جماعت پ پ کي به اعتراض آهي ته کيس اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پ پ پهريون ته بجيٽ اجلاس جو ئي بائيڪاٽ ڪري رهي هئي پر پوءِ حڪومت جي پرچائڻ تي ڪجهه پ پ ميمبرن بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

مسلم ليگ (ن) جي شهباز جي حڪومت جي ناڻي جي وزير محمد اورنگزيب ٽيون ڏينهن 18887 ارب رپين جي 8500 ارب جي خساري واري بجيٽ پيش ڪئي. اسان ان بجيٽ کي هڪ ظاهري ۽ ٻي لڪيل بجيٽ سمجهون ٿا، ڪجهه حلقا ان کي انگن اکرن جي هيراڦيري سمجهن ٿا ۽ ڪي ڌريون سمجهن ٿيون ته موجوده حالتن ۾ ان کان سٺي بجيٽ نه ٿي پيش ڪري سگهجي. ڪن تجزئي نگارن هن بجيٽ کي چئن حصن ۾ ورهايو آهي، جن مان ٻه حصا قرض جي واپسي تي ٻڌل آهن، هڪ حصو دفاع لاءِ مختص آهي ۽ باقي هڪ حصي مان سڄو سال ملڪ کي هلائڻ جو بندوبست ڪيل آهي. سڀ کان گهڻي رقم دفاع لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي، ان بجيٽ ۾ 313 ارب روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته تعليم لاءِ صرف 660 ارب 31 ڪروڙ ۽ صحت لاءِ 27 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن. اڌ بجيٽ قرضن جي وياج جي ادائيگي ۾ خرچ ڪئي ويندي.

هن بجيٽ جي حوالي سان سڀ کان گهڻي تنقيد لڳايل ٽيڪسن تي ٿي رهي آهي چوڻ وارا چون ٿا ته 3 هزار ارب روپين جي نون ٽيڪسن لڳائڻ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو. نون ٽيڪسن سان صنعتن جي ڪارڪردگي سخت متاثر ٿيندي تنهن ڪري واپارين پڻ هن بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ نون پلاٽن ۽ ڪمرشل پراپرٽي تي 5 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ۽ نان فائلرن لاءِ 45 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. پگهاردار طبقي کي بظاهر وڏو رليف ڏنو ويو آهي. گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو ۽ 17 هين گريڊ کان 22 گريڊ تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 22 سيڪڙو واڌ ٿي آهي پر ساڳي وت پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن ۾ ايتري ته واڌ ڪئي وئي آهي جو ملازمن جو منهن ئي لهي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي پگهاردار طبقي جون پگهارون وڌايون ويون آهن ته ٻئي پاسي ٽيڪسن جي صورت ۾ ڪٽوتي به وڌائي وئي آهي يعني کين ڪو خاص فائدو نه ٿيو. هن بجيٽ تي ٻي سڀ کان وڏي تنقيد اها ٿي رهي آهي ته پيٽروليم جا اگهه هونئن ئي پندرهن وار وڌندا رهيا آهن پر حڪومت پوءِ به هن بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي کي پڻ وڌايو ويو آهي. يعني عوام کان ڊيزل ۽ پيٽرول خريداري تي وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو.

سو مجموعي طور تي هن بجيٽ بابت اهو تاثر آهي ته عوام کي رليف نه مليو، اشرافيه کي ساليانو 3900 ارب روپين جي ٽيڪس ڇوٽ ملي. هن بجيٽ جون ڪجهه چڱايون به آهن. مثال طور بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ ۾ واڌارو سولر پليٽ پينل جي همت افزائي لاءِ ان مٿان گهٽ ٽيڪس لڳايو ويو آهي ته جيئن وڌ کان وڌ سولر ڏانهن عوام وڃي ۽ اليڪٽرڪ بجلي جو استعمال گهٽ ڪري. ائين زراعت جي پڻ همت افزائي ڪئي وئي آهي. صحافين جي صحت انشورنس اسڪيم جي بحالي به سٺو فيصلو آهي. اها اسڪيم شهباز شريف جي ڏيڍ سال واري حڪومت ۾ متعارف ڪرائي وئي هئي پر جيئن ئي حڪومت ختم ٿي ته اها اسڪيم به غير فعال ٿي وئي. هاڻي نه رڳو ان پروگرام کي بحال ڪيو ويو آهي پر رهيل صحافين لاءِ پڻ صحت انشورنس جو پروگرام ڏنو ويو آهي ۽ ان لاءِ فنڊ پڻ رکيا ويا آهن پر پرنٽ ميڊيا لاءِ هيءَ بجيٽ ان ڪري سٺي ناهي جو ڪاغذ تي ٽيڪس وڌيڪ لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن ڪري ڪاغذ جو ملهه ويتر مهانگو ٿي ويندو جنهن سان اخبارن ۽ رسالن جي ڇپائي کي ڪاپاري ڌڪ رسندو.

ائين بجيٽ جا ٻيا به ڪيترائي پاسا آهن پر مجموعي طور تي هن بجيٽ کي ٽيڪس وڌائڻ جي بجيٽ سمجهيو وڃي ٿو. هڪ پاسي حُڪومت ٽيڪس کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر مٿس اها به وڏي تنقيد ٿي رهي آهي ته پاڪستان ۾ ٽيڪس ڏيڻ جو نظام ايڏو مشڪل آهي جو عام ماڻهو ڏيڻ به چاهي ته اهو مونجهاري جو شڪار ٿئي ٿو. واپارين سان ئي اهو مسئلو آهي ته عام ماڻهوءَ لاءِ ٽيڪس جي ادائيگي ڪيڏي ڏکي هوندي. اهي به رپورٽون آهن ته هاڻي ٽيڪس جي ادائيگي جو نظام ڊجيٽل ڪيو ويندو. ڊجيٽل سسٽم هونئن ته جديد گهرجن مطابق لازمي آهي پر ان جي معلومات لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنا وڃن ته جيئن عام ماڻهن کي ٽيڪس جي ادائيگي جي ڊجيٽل طريقي جي ڄاڻ ملي سگهي.

بهرحال وفاقي بجيٽ جيئن به آهي ۽ جهڙي به آهي ان تي بحث مباحثي جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي چُڪو آهي. ٻيو ته هاڻي ان بجيٽ جي منظوري جو مرحلو اچڻو آهي. ان بجيٽ تي هاڻي آئيني ۽ قانوني طور تي قومي اسيمبلي اندر بحث ٿيڻو آهي جنهن ۾ مخالف ڌر ان بجيٽ تي تنقيد به ڪندي ۽ پنهنجيون تجويزون به ڏيندي. اصولي ۽ جمهوري طور ڏسجي ته حڪومت کي مخالف ڌر معاشي ماهرن، واپارين ۽ عام ماڻهن جي تنقيد ۽ تجويزن جي روشني ۾ بجيٽ تي نظرثاني ڪري ان کي بهتر ڪرڻ جي مليل موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي. پر اسان وٽ اها روايت ناهي ۽ نه ئي موجوده حڪومت مان اهڙي توقع ڪري سگهجي ٿي ته اها بجيٽ کي تنقيد ۽ راين جي روشني ۾ بهتر ڪري سگهي. پر ان کي بهتر ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي. جائز تنقيد مان پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي پر هتي ٿيندو ائين ئي ته حڪومت ان کي بهترين بجيٽ قرار ڏيندي رهندي ۽ مخالف ڌر وري ”مين نان مانون“ جي ڪار ڪندي ان تي سخت تنقيد ڪندي رهندي ائين اڪثريتي اسيمبلي ميمبر ان کي ووٽن ذريعي پاس به ڪري ڇڏيندا پر عوام جي حق ۾ ڪجهه نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.