ٺاروشاھه (رپورٽ: تنوير قريشي) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ ٺاروخان شينو ۾ رات دير سان ڪجهه هٿياربند شڪيل عرف مير محمد شينو جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ستل زال مڙس مٿان گولين جي برسات ڪري ڏني، جڏهن ته نوجوان شڪيل عرف مير محمد شينو موقعي تي مارجي ويو ۽ سندس گهر واري سسئي شديد زخمي ٿي پئي، جنهن کي نواب شاهه اسپتال داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ڌرڻي ۾ موجود وارثن سونو خان ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هڪ سال اڳ مقتول شڪيل چانڊيابرادري جي هڪ ناري سان پسند جو پرڻو ڪيو، جنهن بعد ان جو فيصلو چڱي مڙس لياقت عالماڻي ڪيو، جنهن اسان تي 15 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪيو ۽ بعد ۾ ڇوڪري به وارثن حوالي ڪئي، جڏهن ته نوجوان پنهنجي گهر وارن جي مرضي سان ست مهينا اڳ شادي ڪئي جنهن سندس گهر واري ڳورهاري هئي هنن چيو ته رات چانڊيا برادري جا هٿياربند گهر ۾ داخل ٿي اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي
هنن چيو ته چانڊيا برادري جا ماڻهو وارهه جا رهواسي آهن ۽ انهن کي وڏيري لياقت عالماڻي پنهنجي زمين تي ويهاريو هو جڏهن ته پوليس سخت احتجاج بعد پوليس مقتول جي والد سونو خان جي فرياد لياقت عالماڻي، ممتاز چانڊيو، سڄڻ،گلاب چانڊيو ۽ هڪ نامعلوم ماڻهو مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي جڏهن ته پوليس لياقت عالماڻي جي ڀاءُ منور عالماڻي سميت ٽن عالماڻين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.