اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي خيبرپختونخواهه جي گم ٿيل شهري جي والد کي 30 لک روپيه معاوضو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خيبرپختونخواهه جي گم ٿيل شهري هارون محمد جي بازيابي جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪئي ۽ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ درخواست تي حڪم جاري ڪيو. عدالت وفاقي حڪومت کي گم ٿيل شهري جي والد کي ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ 30 لک روپيه معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هاءِ ڪورٽ آءِ جي ڪي پي ڪي کي درخواستگذار کي سيڪيورٽي ڏيڻ ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.