ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ سرڪار طرفان سيد ذوالفقار شاهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر اينٽي ڪرپشن اسٽبليشمينٽ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20 گريڊ جي آفيسر سيد ذوالفقار علي شاهه کي چيئرمين اينٽي ڪرپشن مقرر ڪيو ويو آهي،
ان سلسلي ۾ ايس اين جي ڊي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهرين فرحت جوڻيجو کي عهدي تان هٽايو ويو هو، جنهن کانپوءِ ڪالهه خالي پيل جڳھ تي سيد ذولفقار علي شاهه کي چيئرمين اينٽي ڪرپشن مقرر ڪيو ويو آهي.
-
ن ليگ اڳواڻ فهد شفيق وزيراعظم يوٿ پروگرام سنڌ جو ڪوآرڊينيٽر مقرر، آجياڻو
ڪراچي ( رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ ن يوٿ ونگ ڪراچي ڊويزن جي صدر فهد شفيق کي وزيراعظم يوٿ پروگرام سنڌ جو ڪو آرڊينيٽر مقرر ڪرڻ جي خوشي ۾ پي ايس 97 جي چيف آرگنائيزر عابد کرل غلام الدين تنيو پاران آجياڻو ڏنو ويو. تقريب ۾ مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر غلام سرور تنيو ن ليگ لاير سنڌ جي صدر راجا انصاري شرافت علي ڀٽي صابر خلجي الاهي بخش ڀاڲت چوڌري ذوالفقار فياض راڄپر وحيد ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي فهد شفيق چيو ته پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو صرف نوجوان آهن جن جا ڪيترائي مسئلا آهن اسان جو پروگرام وزيراعظم شهباز شريف پاڻ ڏسي رهيو آهي.
-
غزا تي اسرائيلي بمباري ۾ يورينيم جي استعمال جي جاچ جو مطالبو
غزا ( م ڊ ) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل مبصر صالح عبدالشفيع مطالبو ڪيو آهي ته غزا تي اسرائيلي فورسز طرفان ڪيرايل بمن ۾ ختم ٿيل يورينيم جي استعمال جي جاچ ڪئي پئي وڃي.پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل مبصر صالح عبدالشفيع هڪ انٽرويو دوران چيو ته فلسطينين جي نسل ڪشي جو سلسلو جاري آهي، ٻي عالمي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ بارود جي مقدار کان وڌيڪ غزا تي اڇلايا ويا آهن ، انٽرويو دوران صالح عبدالشفيع صهيوني فوج طرفان غزا تي ڪيرايل بمن ۾ ختم ٿيل يورينيم جي استعمال جي جاچ جو مطالبو پڻ ڪيو،
ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ گڏيل قومن جي خاص نمائندي فلسطين فرانسسڪا البانيز پاران انڪشاف ڪيو ويو هو ته اسرائيل غزا کي تباهه ڪرڻ لاٰءِ ٻن جوهري بمن جيترو 25 هزار ٽن بارود استعمال ڪري چڪو آهي ، غزا ۾7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري اسرائيلي جارحيت ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 37 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 84 هزار 494 فلسطيني زخمي پڻ ٿيا آهن.