لاهور (م ڊ)پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾ 2023ع ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي رپورٽ ۾ پوليس پاران ڌاڙيلن جي سهولتڪاري جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.ڪچي جي علائقي ۾ پوليس جي ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي جي رپورٽ منظرعام تي اچي وئي.ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ جي سربراهيءَ ۾ ڌاڙيلن خلاف ٿيل آپريشن جي رپورٽ تيار ڪئي وئي، پوليس رپورٽ موجب ڪوٽ سبزل ۽ ڀونگ جي ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪار ڌاڙيلن جي مدد ڪندا آهن، ۽ ڪجهه اهلڪار ڪچي جي ڌاڙيلن جا سهولتڪار بڻيل آهن،رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن دوران بيگناهه ماڻهن کي جعلي مقابلن ۾ پڪڙي رشوت ورتي وئي، جڏهن ته ايس ايڇ او ڪوٽ سبزل ۽ ايس ايڇ او ڀونگ هارين جي ڪروڙين رپين جي زرعي زمين تي قبضو ڪري ورتو. رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪچي ۾ مقرر ايس ايڇ او مقامي هارين کان سڪيورٽي جي نالي تي ڀتو وٺندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪو زميندار انهن ايس ايڇ اوز سان سهڪار نه ڪندو ته کيس ڌمڪيون ڏنيون وينديون هنيون. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته سي آءِ اي انچارج محمد سليم به ڌاڙيلن سان ٻٽ بڻيل آهي،