اسلام آباد (م ڊ)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف آڏو پنهنجا مطالبا رکي ڇڏيا آهن، ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ 5 سالن جو سماجي ۽ اقتصادي ترقياتي منصوبو (سوشيو اڪنامڪ ڊيولپمنٽ پلان) ڏنو وڃي.ذريعن موجب ايم ڪيو ايم مطالبو ڪيو آهي ته اسان وٽ صوبائي حڪومت ناهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت اسان جي ايم اين ايز کي فنڊ جاري ڪري، ان حوالي سان ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت کان ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص لاءِ 38 ارب رپين جي فنڊز جي درخواست ڪندي رقم جي گُهرڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي لاءِ پاڻي وارو پراجيڪٽ ڪي فور ۽ سيوريج پروجيڪٽ ايس 3 کي ساڳئي سال ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ ڪامياب يوٿ پروگرام ذريعي نوجوانن کي بناوياج قرض ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته بجيٽ ۾ گرين لائين منصوبي جي توسيع، بليو لائين ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبن جي لاءِ فنڊ رکيا وڃن