اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته مون کي عدالت وڃڻ کان روڪيو ويو،ٻڌايو ويو ته جج کي ايجنسين يرغمال بڻايو آهي، اسان عدالت آڏو بيٺا هئاسين، پر پيروي نه ٿيڻ تي ضمانتون رد ڪيون ويون، مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب کي سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ واقعي جا تفصيل بيان ڪندي هن انڪشاف ڪيو ته ”اسان کي ٻڌايو ويو ته جج کي ايجنسين يرغمال بڻائي رکيو آهي، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب خان چيو آهي ته مان سرگوڌا ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو هوس، پنجاب پوليس منهنجو رستو روڪيو ۽ مون کي عدالت وڃڻ نه ڏنو.هن چيو ته مون پوليس آفيسر کي چيو ته منهنجي عدالت ۾ پيشي آهي، مون کي چيو ويو ته ڪجهه وقت لڳندو پر دير ٿي چڪي هئي، جڏهن اسان عدالت پهتاسين ته دروازا بند هئا.هن چيو ته اسان عدالت آڏو بيٺا هئاسين پر پيروي نه ٿيڻ تي اسان جون ضمانتون رد ڪيون ويون.عمر ايوب چيو ته اسان جي ميمبرن جي گهرن تي چڙهائي ڪئي وئي، اوهان کي ٻڌايان ته اڄ اسان سان اهو ٿي رهيو آهي، سڀاڻي ٻين ميمبرن سان به ائين ٿيندو، وقت جو ڦيٿو ڦرندو نظر نٿو اچي. ياد رهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر واقعي خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ اسپيڪر ڊائيس جو گهيراءُ پڻ ڪيو، ان کانپوءِ اپوزيشن عمر ايوب جي عدالت وڃڻ کان روڪڻ تي واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.