گذريل سال يعني 2022 ۾ دنيا جي ماحولياتي تبديلين ڪري جيڪا اُڀَ ڦُڙيي مينھَن سبب تمام وڏي ٻوڏ آئي ۽ جنھن ڪري سنڌ ۾ بي انداز تباھيون ڪيون، ته مان سوچيو هو ته انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ، روينيو آفيسرن ۽ سنڌ گورنمينٽ کي اندازو ٿي ويو ھوندو ته پاڻي ڪِٿان ڪِٿان ماڻهن جا جھڳا جهَڻ ڪيا، ڪھڙين رڪاوٽن جي ڪري سِمَ نالا ۽ بندَ ٽٽا، روڊن کي ڪَٽَ آيا، تن جي ٻيھر ورجاءَ کان اول انهن ضرور ڪا رٿابندي ڪئي ھوندي. پر ھاڻي جو وڃي اُھي علائقا اکين سان ڏسي آيو آهيان، ته ساڳيا لاٽُون، ساڳيا چُگهه لڳا پيا آهن. سِمَ نالن جا ٻِرگهل لٿا پيا آھن. رھندو ماڻهو انهن جي ڪَڙن تان ڀنجو جا ٽريڪٽر ڀَرُ ڀَران ڪيون کنيون پيا وڃن. گهاڙُ مئن ڊرين ۾ جيڪي وڏي ۾ وڏيون ٽي رڪاوٽون ھُيون، جن جي ڪري وارھ، گاجي کُھاوڙ ۽ سڄي پسگردائي ٻوڏِ جي وَرِ چڙهي ھُئي، پنجھتر فيصد شَھر به ٻُڏا ھئا، ھيل توڙي جو موسميات کاتي پاران وري برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي، پر سرڪار جي ڪَنَ تي جونءَ چُرندي نظر نه ٿي اچي. اَگهور ننڊَ ۾ اڳئين ڀيري وانگر کونگهرا پئي ھَڻي.
گذريل سال ٻوڏِ جيڪي ڪلورَ ڪيا، ماڻهن کي دربدري ملي، سندن جاني مالي نقصان ٿيا، انهن جو وڏين دعوائن باوجود ڪو به ازالو نه ٿيو. نه کين گهَرَ ئي ٺَھي مليا، نه مال جو معاوضو مليو، نه ٻِجَ ڀاڻَ مليا، نه فصلن جي تباهي جي ڪري ڪي ٻه رپيا مليا، انهن کي ڪوڙا آسرا ڏئي ڏئي، رُلائي رُلائي تپيدارن جي بِلي ڪيو ويو، تپيدارن وري ڪوٽارن جي ڪَڍَ لائي ڇڏيو، انهن وري ڇا ڪيو، جو فارم ڪَڍي بيٺا. جن جي ڀرڻ ۽ ڀرائڻ لاءِ انهن کان پئسا وٺي کيسا ڀريائون. اھو به نه سوچيائون ته انهن اِھي ڪٿان آندائون. جن جا مالَ مري چڪا ھئا. جريب زمين جو به آباد نه ٿيو ھُين. يقين ڪيو ته ستايلن کين ڏيڻ لاءِ ۽ ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ نياڻين جون آخري ٻه واليون به وڪيون. ان سان گڏوگڏ ڪوٽارن ائين به ڪيو ته خاندانن جي سڃاڻپ ڪارڊن جون ڪاپيون ھَٿِ ڪري ورتيون. جن جي بنياد تي جيڪي تنبو ۽ ٻيو امدادي سامان کين ھَٿِ آيو، اھو انهن جي نالي لکي رڪارڊ درست ڪندي پنھنجا اڇا ڪارا ڌوئي ڇڏيائون.
ياد رھي ته ٻوڏ دوران تيزي سان مليل سامان اڳ ۾ ئي مختلف ھنڌن تي وڪرو ڪري ڇڏيا ھئائون.
ڏک جي ڳالهه وري اها ته جيڪي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻُڏي تباھُ ٿيا، ھزارين ماڻهو بي يارو مددگار بڻيا، تن جي ھڪ جيتري سارَ سنڀال لھڻ ۾ سرڪار ٽَڪي جو به صحيح نموني ۽ انهن جو ڪھڪاءُ ڪندي سھڪار نه ڪيو. خوشامدين ۽ پھچ وارن ماڻهن وڃي ڊي سين، ايس ڊي ايمن، ايم پي ايز ۽ ايم اي نيز کان سامان ورتا. گدام ڀريائون. جن کي تالا لڳائي انهن جي ٻاھران بندوقچي ويھاري ڇڏيائون.
پوءِ شروع ٿيو پرچي سسٽم. ڪن کي ووٽ جي آسري تي، ته ڪن کي اڌ پَتي جي حساب سان اُھي ڏنائون. جڏهن ته ھر ڳوٺ جي سرڪار وٽ ڊيٽا اڳ ۾ ئي موجود ھئي خاص ڪري سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽر لسٽن جي صورت ۾ پر ان کي چَکي ئي نه ڪيائون.
ھجڻ ته ائين گهربو ھو ته ڊيٽا آڌار ھر ماڻهو کي ٽوڪن ڏنو وڃي ها ۽ ھو امدادي سامان وڃي تعلقه ھيڊ ڪواٽرن تان حاصل ڪن ھا.
حَد ڪمال ته اھو جو اين جي اوز به سرڪار جي ئي طرز تي ھلي ۽ ماڻهن انهن کان ٿوري ٿڪي سھائتا حاصل ڪرڻ لاءِ به سفارشين جي ڳولا ڪئي. بنگلن تي وڃي نوڪرن، واٺن، چاڪرن چوڪرن جو پاسو وڃي جهليو. ائين ئي اين جي اوز وارن به پاڻ موکيو ۽ اَڇَ ڪئي.
ٻئي پاسي وري تازي ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ جيڪي چونڊجي آيا، يا ايلاز ڪري سليڪٽ ڪرايا ويا، انھن توڙي جو حلف به نه کنيو هو، پر انھن کي ڪيتريون ئي گاڏيون راشن ۽ ٻئي سامان جون ڏنيون ويون. جيڪي انھن مان اڪثريت وڃي گهرن ۾ لاٿيون. پوءِ ڇا ڪيائون جو، گيهھَ جون ۽ چانھهِ پتي جو ٿيلھيون ڪڍي، انصاف ڪندي باقي بچيل ٿيلھا پنهنجي مِٽَنِ مائٽن ۽ واسطيدارن تي ٿورو ٿڦيندي انھن جي حوالي ڪيون.
ھن وقت موسميات کاتي بقول، ٻوڏِ جيڪا مٿان اچڻ واري آهي، ان کان اول سرڪار کي اھو لازمي طور تي سوچڻ گهرجي ھا ته جتان جتان پاڻي کين ٻُڌائي چُڪو ھو ته منھنجو فطري لنگُهه ھِي آھي ۽ مجبوري ۾ ان جي نيڪال لاءِ جن جن روڊن کي ڪَٽَ ڏنا ويا، انهن ھنڌن تي پليون ٺاھيون وڃن ھا. جيئن پاڻي پنھنجو دَڳُ وٺي بنا ڪنھن تباهي جي نڪتو وڃي ھا. ھاڻي ته وقت سوڙھو ٿي آيو آھي ۽ ھِنن عقل جي اڪابرن ڪَٽَ بند ڪري مٿان جيڪي روڊن جا ٽڪرا ٺاهي لنگهه بحال ڇڏيا ھئا، اُھي وري به ساڳي تباهي جو ڪارڻ بڻبا ۽ وري به اُتان ئي ڪَٽَ ڏئي پاڻي کي ساڳيو دڳ وٺايو ويندو. نتيجي ۾ ٻوڏ وري اڳي کان وڌيڪ نقصان ڪندي. شھرن ۽ ڳوٺن جي رَسَدَ ڪٽجي ويندي ۽ آمدرفت ٻيڙين کان سواءِ ممڪن نه ھوندي.