چترڪاري فنون لطيفه جو هڪ قسم آهي، جيڪو قديم دور جي انسان جي ايجاد آهي. چتر جي معنيٰ آهي ’چٽ‘، ان ڪري چترڪاري، چٽن يا تصويرن ڪڍڻ جي فن کي چئبو آهي. اوائلي انسان جي چترڪاريءَ جا نقش غارن اندر، ڀتين ۽ ڇتين تي ٺاهيا ويا، جنهن جا نمونا دنيا جي ڪيترن حصن ۾ اڄ به ملن ٿا.
سڀ کان قديم نقش نگاريءَ جا نمونا فرانس مان دريافت ٿيا آهن، جن بابت تاريخدانن جو چوڻ آهي ته اهي 32 هزار سال پراڻا آهن. ان کان سواءِ آثار قديمه جي ماهرن جبلن تي نـقـش نـگـاريءَ جـا ڪجهه نمونا لڌا آهن، جيڪي آسٽريليا جي اتر اولھه واري خطي ’ڪِمبرلي‘ ۾ آهن، اهي 40 هزار سال پراڻا ٻُڌايا وڃن ٿا. دنيا جي ٻين به ڪيترن ملڪن جهڙوڪ: هندستان، فرانس، اسپين، پورتگال، چين، آسٽريليا ۽ پاڪستان جي سلڪ روڊ، چترال ۽ سنڌ وغيره مان به اهڙن قديم چترڪاري/ مصوريءَ جي نمونن جا اهڃاڻ ملن ٿا. 2011ع ۾ قديم نوادرات کاتي حڪومت سنڌ طرفان دادو ضلعي جي علائقي جي ڪاڇي جي چٽن تي بدر ابڙي جو ڪتاب ”کيرٿر ۾ چٽسالي“ ڇپيو آهي، جنهن ۾ کيرٿر ۾ قديم چٽساليءَ بابت تفصيلي معلومات ڏني وئي آهي.
چٽ ڪڍڻ جا گهڻائي نمونا آهن، سئي سڳي واري چٽ کي”برڙ“ چئجي ٿو. رنبي سان ڪاٺ تي ڪڍيل چٽن کي”اُڪر“ چئجي ٿو، پٿر تي به چٽ چٽيا وڃن ٿا، جيڪي مڪليءَ جي قديم قبرستان ۾ ڏسي سگهجن ٿا، پر ڪن چٽن ۾ رنگن جو استعمال ڪجي ٿو. اهڙا چٽ مصوريءَ جي زمري ۾ اچن ٿا. چترڪاري/ مصوري ڪرڻ لاءِ مختلف رنگن جو صحيح استعمال ڪرڻ چترڪار جي فني مهارت جي عڪاسي ڪندو آهي. تصويرن ۾ رنگن جو تاثر اوترو اهم هوندو آهي، جيترو موسيقيءَ ۾ سُر تال ۽ آواز جو هوندو آهي. چترڪاري/ مصوريءَ ۾ هر تهذيب جي رنگن جو استعمال مختلف ٿيندو آهي. جهڙوڪ: ڪارو رنگ مغرب ۾ صبح جي نشاندهي ڪري ٿو، جڏهن ته اڇو رنگ وري مشرق ۾ صبح ۽ امن جي نشاندهي ڪري ٿو.
چترڪاريءَ/ مصوريءَ جي فن ۾ سنڌ جو پنهنجو الڳ مقام آهي، جنهن جي تاريخ تمام گهڻي قديم آهي ۽ ان جا اوائلي اهڃاڻ سنڌو ماٿريءَ جي قديم آثارن جي کوٽائيءَ مان به هٿ آيا آهن. ماهرن جو خيال آهي ته مصوريءَ ۽ مجسمن ٺاهڻ جو فن سنڌو تهذيب ۾ آڳاٽو موجود هو، جنهن کي سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ قديم دؤر جي انسانن ايجاد ڪيو. سنڌو ماٿريءَ ۾، چترڪاريءَ جي فن جا اوائلي اهڃاڻ، مٽيءَ جي ٿانوَنِ تي نظر اچن ٿا، جن جا نشان ۽ نمونا آمريءَ جي دڙي، ڪوٽڏيجيءَ، موهن جي دڙي، هڙپا جي آثارن، ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي آثارن جي کوٽاين مان هٿ آيل ٿانوَنِ تي صاف ۽ چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان هٿ آيل ٿانوَنِ تي انسانن، جانورن، پکين ۽ گلن ٻوٽن جون شڪليون ۽ چٽ چٽيل آهن. انهن کي ئي هن فن جي شروعاتي صورت چئي سگهجي ٿو.
سنڌ ۾ به وڏا مصور پيدا ٿيا آهن جن ۾ ع. ق. شيخ، گل محمد کتريءَ، ظفر ڪاظمي، علي اڪبر سومري، شاھ جي بيتن تي شاهڪار مصوري ڪئي آهي، جنهن تـي مـشـتمـل ‘Illustrated Works of Shah A. Latif Bhitai’ سـنـدس ڪتاب ڏيھه پرڏيھه ۾ وڏي شهرت ماڻي آهي. مسرت مرزا، عبدالرحيم ناگوري، فتاح هاليپوٽو، رضوان عمراڻي، لال محمد پٺاڻ، عظيم چانڊيو، خدا بخش ابڙو، محمد علي ڀٽي، راز ناٿن شاهي، ساجد قريشي، احمد علي مڱڻهار، نعمت خلجي، خالد سومرو، حفيظ قريشي، سميع چنا، عبدالخالق چنا، عبدالملڪ چنا، ناظم ڏهر، هارون چنا سميت ٻيا به ڪيترائي وڏا نالا شامل آهن. جن پنهنجي ڪم ذريعي ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ وڏي محتا ماڻي آهي.
ڪي ڪي ماڻھو پنھنجي پياري طبيعت ۽ ڪردار ۾ اھڙا ته سهڻا ۽ خوبصورت ٿين ٿا جن سان پاڻ مرادو پيار، محبت ۽ عزت، احترام جو جذبو پيدا ٿئي ٿو، اھڙن پيارن ۽ خوبصورت ماڻھن مان سائين ھارون چنا به هڪ آھي، ھارون چنا جيڪو بهترين ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ مصور آھي پر سندس خاص ۽ نمايان سڃاڻپ مصوري آھي. سندس جنم محمد لائق چنا جي گهر ۾ 10 جون 1948ع تي رستم، ضلعي شڪارپور لڳ ڳوٺ ٽنڊي علي شير شاھ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. ڊگري ڪاليج نوابشاھ مان 1968 ۾ انٽر پاس ڪئي، سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان 1970 بيچلر ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان بي. ايڊ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان ئي يونيورسٽيءَ مان 1978 ۾ ايم. اي جو امتحان پاس ڪيو. اي. ٽي. سي”آرٽ ٽيچرس ڪورس“ 1973 – 74ع ۾ گورنمينٽ نارمل ڊرائنگ ٽيچرس ڪاليج حيدرآباد مان سڄي سنڌ مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. ۽ اي. ايم. سي ”آرٽ ماسٽرس ڪورس“ 1978ع ۾ ان ساڳي ڪاليج مان پڻ امتيازي حيثيت ۾ يعني سڄي سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي.
گورنمينٽ ھاءِ اسڪول قاضي احمد ۾ 14 آڪٽوبر 1966ع تي ڊرائنگ ٽيچر جي حيثيت سان استاد مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ کيس نوشهرو فيروز ضلعي جي شهر خانواھڻ واري ھاءِ اسڪول ۾ بدلي ڪري مقرر ڪيو ويو. ھارون چنا 9 جون 2008ع تي گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول چڪ مان رٽائر ڪيو.
ھارون چنا جو پسنديده موضوع ادب ۽ مصوري آهن. هن لطيف سائينءَ جي سورمين ۽ سورمن کي واٽر ڪلر، آئل پينٽ، پين ۽ پينسل سان جيڪا سونهن ۽ زندگيءَ بخشي آهي، سا انتهائي ڪمال جي آهي ان سان گڏ شيخ اياز جي شاعري تي به ڪيترا ئي شاھڪار اسڪيچ سرجيا آھن. سندس تصويرن ۾ سنڌ جي تهذيب جو سدا بهار حسن جھلڪي ٿو. هارون چنا جي هٿ سان ٺهيل ڪيتريون ئي تصويرون ڏسي اهو يقين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ته ڇا هٿ سان ايتريون شاندار ۽ بهترين تصويرون ٺاهي سگهجن ٿيون.
پني عاقل ۾ ڪل سنڌ تعليمي ڪانفرنس 1981ع ۾ سائين ھارون چنا جي تصويرن ۽ فني شھپارن جي نمائش ڪرائي وئي هئي، جنھن جو افتتاح ان وقت جي وزير تعليم جسٽس رٽائرڊ غوث علي شاھ ڪيو ھو.غوث علي شاھ هارون جي تصويرن ۽ فني شھپارن کان بيحد متاثر ٿيو ھو ۽ وزيٽر نوٽ ۾ ھارون چنا لاءِ زبردست خراج پيش ڪيو ھو. ان کان علاوه سندس تصويرن جون نمائشون ڪيترن هنڌن تي ٿينديون رهيون آهن. سندس شاهڪار مصوريءَ روس ۽ انڊيا جي ڪيترن ئي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ سندس انٽرويو سان گڏ شايع ٿي چڪيون آهن.
هارون چنا جيترو بهترين مصور آهي ايترو ئي بهترين شاعر پڻ آهي، هن شاعري جي ابتدا 1966ع ۾ ڪئي. سندس پهريون شعر ’هي جهان وارا‘ روزاني ’نواءِ سنڌ‘ اخبار جي ٻارن واري صفحي ۾ شايع ٿيو. هن ڪيترو عرصو ”فقير تارڪ“، ”سينل چڪوي“ ۽”امرت“ جهڙن فرضي نالن سان ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا آهن. ”ڪچو ڌاڳو پڪي ڳنڍ“ سندس مشهور ڪلاسيڪل ڪهاڻي آهي، سندس ڪيترون ئي ڪهاڻيون، ”سهڻي“ ۽ ان وقت جي ٻئين مشهور رسالن ۾ ڇپيون آهن. هن ڪيترن ڪتابن ۽ رسالن جا ٽائيٽل به ڊزائن ڪيا. وٽس هڪ وڏي ذاتي لائبريري آهي جنهن ۾ سنڌي، اردو سميت ڪيترن ئي ٻولين جا پنج هزار کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن.