لاهور ( بيورو+م ڊ ) پنجاب حڪومت پاران منظور ڪرايل بدناموسي وارو بل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج، وقتي گورنر ملڪ احمد خان پاران صحيح ڪرڻ بعد تڪراري بل قانون بڻجي ويو، صحافي جعفر احمد يار ۽ شهري راجا رياض پاران تڪراري قانون خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ساک کي نقصان رسائڻ واري آرڊيننس ۽ ايڪٽ جي موجودگي ۾ نئون قانون نه ٿو ٺهي سگهي، تڪراري قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا، لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري بل کي قانون جو درجو ڏيڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي به صحافين سان دوکو ڪيو، پيپلزپارٽي ظاهري طور صحافين سان گڏ هئي پر اندروني طور حڪومت سان مليل هئي، بل جي مخالفت ڪندڙ گورنر سردار سليم حيدر کي موڪل تي اماڻي وقتي گورنر کان بل تي صحيح ڪرائي وئي.