هتڪ عزت بل اڌ رات جو منظور، صحافتي تنظيمن پاران سرڪار جو بائيڪاٽ

اسلام آباد (منصور علي خان): پنجاب حڪومت اڌ رات جو خاموشيءَ سان هتڪ عزت بل منظور ڪرائي ورتو. پنجاب جي وقتي گورنر ملڪ احمد خان پنجاب اسيمبليءَ پاران منظور ڪيل بل جي مسودي تي صحيح ڪري ڇڏي. گورنر سليم حيدر جي موڪل تي وڃڻ بعد آيل وقتي گورنر رات جي وڳڙي ۾ بل منظور ڪري ورتو. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي پابنديون لڳائڻ لاءِ حڪومت ڊجيٽل فائر وال آڻڻ جي تياري ڪري رهي آهي. انٽرنيٽ فراهم ڪندڙ ڪمپنيون فائر وال لڳائينديون، ان تحت وي پي اين جو روڪيو ويندو. رپورٽ موجب اها فائر وال ٽيڪنالاجي چائنا کان آندي ويندي، جنهن تحت اڻ وڻندڙ مواد سوشل ميڊيا تي نه هلي سگهندو، جيڪڏهن چئنلن وارا اهڙيون پوسٽون رکڻ کان نه مڙندا ته انهن چئنلن کي بند ڪيو ويندو. ان فائر وال سان ڪوڙا اڪائونٽ به پڪڙجي سگھندا. ان پلان تي ٻن سالن کان ڪم جاري آهي ۽ هاڻي اهو آخري مرحلن ۾ آهي.

لاهور (م ڊ) : پنجاب ۾ منظور ڪيل تڪراري هتڪ عزت بل خلاف صحافي تنظيمن حڪومتي پروگرامن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اجلاسن، وفاقي ۽ صوبائي بجيٽ جي ڪوريج ۽ حڪومتي اتحادي پارٽين جي سرگرمين جو بائيڪاٽ ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو آهي. تڪراري بل جي منظوري خلاف صحافي تنظيمن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سي پي اين اي، اي پي اين ايس، ايمنڊ، پي بي اي، پي ايف يو جي ۽ پريس ڪلب جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ان بل خلاف مرحليوار احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ تڪراري ڪاري قانون خلاف گڏيل جدوجهد جو اعلان ڪندي اثرائتي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري پروگرامن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اجلاسن، وفاقي ۽ صوبائي بجيٽ جي ڪوريج جو به بائيڪاٽ ڪيو ويندو. اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته تڪراري قانون خلاف حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين کان علاوه ٻين سياسي پارٽين، انساني حقن جي تنظيمن ۽ بار ڪائونسلز جي مشاورت سان ان کي مرحليوار اڳتي وڌايو ويندو. انساني حقن جي ڀڃڪڙي واري تڪراري قانون خلاف گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي انساني حقن جي تنظيمن سان به رابطو ڪيو ويندو، جڏهن ته لاڳاپيل سرڪاري آفيسن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. سمورن صحافين جي تنظيمن ان کي انسانيت دشمن قانون قرار ڏيندي چيو ته انهن آپشنز تي مرحليوار عمل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.