لاهور (بيورو/ م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مون کي جڏهن جيل ۾ بند ڪيو ويو ته اي سي لاهڻ جو چيو ويو پر مان انتقام واري سوچ نٿو رکان ۽ نه ئي ان پاسي ڌيان آهي. سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته پرويز مشرف دنيا مان هليو ويو، هاڻي شڪايت ڇاجي، ڪهڙو سبب جو مشرف منهنجي حڪومت ختم ڪئي، ايٽمي بٽڻ دٻائڻ ۽ 6 ايٽمي ڌماڪا ڪندڙ وزيراعظم کي اِهو نتيجو مليو. مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ميٽرو بس کي جنگلا بس چوڻ وارا ملڪ تباهه ڪري هليا ويا، پشاور ميٽرو بس گهوٻين جي جاچ سامهون نه آندي وئي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته قوم کي به ڀيٽ ڪرڻ گهرجي ته ڪير ڇا ڪري ويو، حق کي حق ۽ سچ کي سچ چوڻو پوندو، پاڪستان ۾ غريبن جو جيئڻ مشڪل ڪيو ويو آهي، نه ماني ٿي ملي نه ٻوڙ، بجليءَ جا اگهه آسمان کي ڇهي رهيا آهن، مون ته گهر گهر بجلي پهچائي هئي. نواز شريف چيو ته مان آءِ ايم ايف جا سهارا ڳولڻ وارو ماڻهو نه آهيان، اسان آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چيو پر هي وٺي آيا، ٻيهر آءِ ايم ايف ڇو آيو؟ ان جي شرطن سان غريب ڇا متاثر نه ٿيندو؟ نواز شريف پي ٽي آءِ باني جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته مان ووٽ وٺڻ نه ويو هئس ته اسيمبليءَ ۾ اعتماد جو ووٽ ڏيو، پاڻ هلي ويو هئس ته اچو گڏجي ڪم ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته مون محترمه ( بينظير ڀٽو ) سان ميثاق جهموريت جو معاهدو ڪيو، اوهان جو رويو رٺل شخص جهڙو آهي، مان ڪينو، نفرت ۽ انتقام جي نيت رکڻ وارو نه آهيان، هن ڌرڻي ۾ چيو ته نواز شريف توکي گهيلي وٺي ايندس، چيو ويو نواز شرتيف کي جيل ۾ وجهي اي سي لاهرائي ڇڏيندس، اڄ تون جيل ۾ آهين، مون ته نه چيو ته اي سي لاهيو، هڪ بدران ٻه اي سي لڳايو، منهنجو ڌيان ته ڪڏهن به ان پاسي ناهي ويو.