9 مئي سانحي جي ڪردارن کي فوري طور تي سزا ڏيارڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد جمع

لاهور (م ڊ)9 مئي سانحي جي ڪردارن کي فوري طور تي سزا ڏيارڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ٿي وئي، پنجاب اسيمبلي ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي جي ميمبر اسيمبلي شعيب قديقي قرار داد جمع ڪرائي ڇڏي، قرارداد جي متن موجب، 9 مئي سانحي جي ماسٽرمائينڊ ۽ ذميدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، هن وڌيڪ چيو ته فوج جي شهيدن جي يادگار جي بيحرمتي ۽ پروپيگنڊا ڪندڙ رعايت جا مستحق ناهن، قرار داد جي متن ۾ شعيب صديقي چيو ته 9 مئي جو ڏهاڙو افسوسناڪ ۽ نه وسرندڙ ڪارو ڏينهن آهي.

  • موبائل سم ڪمپني ٽيلينار جا ٽاور  ڪيترن ئي علائقن ۾ آنڌاري سبب بند ٿي ويا

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن کان آنڌاري سبب انفرااسٽرڪچر کي نقصان پهتو آهي جنهن ۾ ٽيلي ڪام ڪمپنين جا ٽاور پڻ شامل آهن.سيوهڻ جي ڳوٺ ڪرمپور بند ۽ جتوئي ڳوٺ ۾ لڳل ٽيلينار ڪمپني جا 2 ٽاور آنڌاري سبب بند ٿي ويا آهن.گذريل ٽن ڏينهن کان نيٽ ورڪ بند هجڻ سبب شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.ان کانسواءِ ٻين علائقن ۾ به مختلف ڪمپنين جو نيٽ ورڪ متاثر ٿيو آهي.سنڌ جا ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي نيٽ ورڪ ڪم نه ڪرڻ سبب واهپيدارن کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.خيال رهي ته موبائيل نيٽ ورڪ ذريعي انٽرنيٽ تائين رسائي به متاثر ٿي رهي آهي.

  • ڪراچي ۾ فائرنگ جا واقعا، 2 ڄڻا قتل

ڪراچي (رپورٽر) نارٿ ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ ڪچرو ميڙيندڙ نوجوان مارجي ويو، پوليس مقتول جي پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. اليون اي ۾ معمولي تڪرار تي سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري  نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن اسپتال ۾ دم ڏنو. مارجي ويل جي سڃاڻپ 17 سالن جي صمد طور ٿي آهي، سندس پيءُ محمد عيوض جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

  • اٽڪ ۾ ايس ايڇ او پنهنجي رت جو عطيو ڏئي جوابدار جي حياتي بچائي ورتي

اٽڪ (م ڊ) اٽڪ ۾ ايس ايڇ او پنهنجو رت ڏئي حراست هيٺ جوابدار جي حياتي بچائي ورتي. پنجاب جي شهر اٽڪ جي تعلقي پنڊي گهيب جي ايس ايڇ او عمران ڪاظمي جوابدار لاءِ رت جو عطيو ڏنو ۽ ان جي  حياتي بچائي. پوليس موجب پنڊي گهيب ۾ پوليس جوابدار رياض کي گرفتار ڪيو هو، منشيات فروش رياض گرفتاري جي خوف کان پاڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار جي حالت خراب ٿيڻ تي کيس ٽي ايڇ ڪيو اسپتال نيو ويو هو، جوابدار جو بلڊ گروپ ڪنهن سان ميچ نه ٿيو ته ايس ايڇ او رت عطيو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.