پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ ۾ معاملا طئي ٿي ويا، ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ)حڪومت مخالف تحريڪ جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي وچ ۾ ويجهڙايون وڌي ويون آهن.نجي ٽي وي ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته مولانا  فضل الرحمان جا خدشا پي ٽي آءِ باني عمران خان تائين پهچي ويا آهن جنهن تي عمران خان خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي ان جو پيغام مولانا فضل الرحمان تائين پهچايو ويو آهي.ذريعن موجب عمران خان مولانا فضل الرحمان سان ملي معاملا طئي ڪرڻ جي لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو چئي ڇڏيو آهي. ڪميٽي گڏيل حڪمت عملي طئي ڪندي. ان ڪميٽي جي سربراهي اسد قيصر ڪندو.رپورٽ موجب پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ گڏيل حڪمت عملي جي لاءِ احتجاجي تحريڪ سميت ٻين نڪتن تي اتفاق راءِ طئي ٿيڻ جي صورت ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ عمران خان صحيحون ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.