آءِ ايم ايف جي تجويز رد، اڳوڻي فاٽا لاءِ ٽيڪس ڇوٽ واري تجويز تيار

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) وفاقي حڪومت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي تجويز کي رد ڪندي اڳوڻي فاٽا کي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ  جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي.ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ فاٽا کي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز آهي، ايڪسپورٽ فاٽا جي ترقي لاءِ امپورٽ مشينري تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي فاٽا ۾ ڪارخانن، ڪاروبارن لاءِ انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ايف اي ڊي جي ڇوٽ هوندي، اڳوڻي فاٽا کي معاشي حالتون بهتر نه ٿيڻ سبب ٽيڪس ڇوٽ ڏني ويندي.اڳوڻي فاٽا لاءِ ٽيڪس ڇوٽ 2023 جي آخر ۾ ختم ٿي وئي هئي، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف اڳوڻي فاٽا لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. ايف بي آر ذريعن موجب اڳوڻي فاٽا کي وڌيڪ هڪ سال لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي، اڳوڻي فاٽا جي سرحد تي چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ جي به تجويز آهي، چيڪ پوسٽن جي قيام سان ٽيڪس فري مشينري به ملندي. ملڪ جي باقي حصن ۾ نه ٿو آڻي سگهجي.هوڏانهن آءِ ايم ايف پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي لاءِ اهم اڳڀرائي جو اعتراف ڪري ورتو آهي.عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جيوالي ڪوزيڪ واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي لاءِ اهم اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ نئين واڌو فنڊ سهوليت جي تحت مدد ڪري سگهجي ٿي جنهن جي لاءِ پاڪستان سان ورچوئل ڳالهين جو عمل جاري آهي.ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان 6 کان 8 ارب ڊالر جو نئون 3 سالن جو قرض پروگرام ملڻ جي اميد آهي. جيولي ڪوريڪ پاڪستان سان  امڪاني نئين قرض معاهدي بابت سوال جي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف مشن 13 کان 23 مئي 2024 تائين پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ان ۾ اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.