اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. بئرسٽر سلمان صفدر جي حوالي سان داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سزا معطل ڪري ضمانت تي آزادي ڏني وڃي.درخواست ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت 3 فيبروري جي سزا جو فيصلو معطل ڪري ضمانت تي آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري. استغاثه تڪرارن سان ڀريل ڪمزور شاهديون عدالت ۾ پيش ڪيون. اهڙين شاهدين جي بنياد تي سزا نٿي ٻڌائي سگهجي. ٽرائل ڪورٽ طرفان ڏنل سزا برقرار نٿي رهي سگهجي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي کي سياسي انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ جيل ۾ بدترين حالتن ۾ رکيو ويو آهي. انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سزا معطلي جي درخواست جلد اڪلائي وڃي. سزا معطلي جي جيڪا درخواست اڳ کان سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي عدالت ان تي ٻڌڻي ڪري. سزا معطلي جي درخواست کي ٻڌي ان تي جلد فيصلو ڪيو وڃي. ياد رهي ته سول ڪورٽ 3 فيبروري تي اڳوڻي خاتول اول بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.