جيڪب آباد ۾ چاچي ڀائٽي مٿان فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڌرڻو

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) باھو کوسو ٿاڻي جي حد ٽالاڻي مقام وٽ عاشق کوسو پٽ سھراب کوسو پنھنجي ڀائٽي مھراب  کوسو پٽ لياقت کوسو سان موٽرسائيڪل تي جيڪب آباد ڪورٽ مان واپس پنھنجي ڳوٺ حاجي فيض محمد کوسو اچي رھيا ھئا ته موٽرسائيڪل سوار 3 ھٿياربندن فائرنگ ڪري ٻنھي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پھچي زخمين کي تعلقي اسپتال ٺل پھچايو جتي عاشق کوسو زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، مھراب کوسو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي وارثن لاش ٺل جي رھبر چوڪ تي رکي عبدالرشيد کوسو، مسمات راڻي کوسو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو. هنن مطالبو ڪيو ته مقتول جو ڪيس داخل ڪري قاتلن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي. ھوڏانھن پوليس جوابدارن جي گهرن تي چڙهائي ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.